شيرين مزاري ۽ فواد چوڌري به سائفر جاچ ۾ شامل

لاهور (عوامي آواز نيوز ) سائفر ڪيس ۾ اسد عمر به سلطاني شاهد ٿيڻ لاءِ تيار ٿي ويو. ان کان اڳ اڳوڻو پرنسپل سيڪريٽري اعظم خان به  سلطاني شاهد طور بيان رڪارڊ ڪرائي چڪو آهي.

نامياري صحافي معظم فخر جو چوڻ آهي ته اسد عمر  کان پڇا ڳاڇا کانپوءِ ايف آءِ اي  شيرين مزاري ۽  فواد چوڌري کي به سائفر ڪيس جي جاچ ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ کين طلبيءَ جا نوٽيس به جاري ڪيا ويا آهن.

جيئن جيئن وقت گذري رهيو آهي سائفر سازش ڪيس سنگين صورتحال اختيار ڪري رهيو آهي. جنهن مان محسوس ٿي رهيو آهي ته سائفر سازش ڪيس ۾ ملوث ڪو به جوابدار سزا کان بچي نه سگهندو.

نوٽ: هي خبر روزاني عوامي آواز اڱارو 22 آگسٽ 2023ع تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.