لاهور هاءِ ڪورٽ جي جج جي مونس الاهي سان ملاقات

لاهور (عوامي آواز نيوز) لاهور هاءِ ڪورٽ جو جج گرمين جون موڪلون ملهائڻ لاءِ لنڊن پهچڻ بعد سياسي اڳواڻن سان ملاقاتن ۾ مصروف ٿي ويو  آهي.

نامياري صحافي سيد عمران شفقت جو چوڻ آهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ جو جج چوڌري ارشد جاويد گورال جنهن تي الزام آهي ته هو پي ٽي آءِ  خاص طور پرويز الاهي جي انتهائي ويجهو رهيو آهي.

ان موڪلن ۾ لنڊن پهچڻ بعد پرويز الاهي جي پٽ مونس الاهي  سان اهم ملاقات ڪئي آهي ۽ هڪ هوٽل ۾ ان سان گڏ مانجهاندو به ڪيو آهي.

هڪ جج کي پنهنجي عهدي جي اصولن جي پاسداري ڪندي اهڙين ملاقاتن کان پرهيز ڪرڻ گهرجي پر ان جي ابتڙ هو پي ٽي آءِ ۽ اڳوڻن (ق) ليگ اڳواڻن سان ملاقاتون ڪري رهيو آهي. جج جي اهڙين سرگرمين ڪيترائي سوال اٿاري ڇڏيا آهن.

نوٽ: هي خبر روزاني عوامي آواز اڱارو 22 آگسٽ 2023ع تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.