حيدرآباد ( ويب ڊيسڪ )عوامي جمهوري پارٽي، سنڌي اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن ۽ سنڌي عورت تنظيم طرفان ڪارونجهر جي ڪٽائي ۽ نيلامي سنڌ جي قدرتي وسيلن جي ڦرلٽ خلاف ڪارونجهر تي مظاهرو ڪيو ويو جنھن ۾ عورتن مردن ۽ شاگردن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.
ان موقعي تي ڪارونجهر جي نيلامي خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي احتجاجي مظاهري کي اي جي پي صدر سيد لال شاھ ايس ايس او صدر گلاب راءِ ايس اي ٽي صدر ادي نظير قريشي خطاب ڪندي چيو ته ڪارونجهر اسان جو تاريخي ۽ ثقافتي ورثو آهي جنهن جي نيلامي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪئي ويندي.
هنن چيو ته سنڌ جي قدرتي وسيلن کي نيلام ڪرڻ جي سازش بند ڪئي وڃي ڪارونجهر جي ڪٽائي بند ڪري ان کي بين الاقوامي تاريخي ماڳ جو درجو ڏنو وڃي.
هنن وڌيڪ چيو ته سنڌي عوام جي گڏيل جدوجهد جي ذريعي سنڌ جي تاريخي ماڳن کي بچايو ويندو ۽ ان جي خلاف ٿيندڙ سازش کي ناڪام بڻايو ويندو.