خيرپور ( س ر ) خيرپور ڀرسان راڻيپور ۾ پير اسد شاهه جي حويلي ۾ معصوم ملازمه فاطمه ڦرڙو جي قتل، جنسي زيادتي۽ جنسي تشدد واري واقعي وومين اينڊ چائلڊ پروٽيڪشن جي ڪارڪردگي کي منظر عام تي آڻي ڇڏيو آهي، خيرپور جي اديبن ،سگهڙن ۽ فنڪارن حبدار جاگيراڻي، خليل احمد مهيسر، ڄام محبت سهتو ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته خيرپور ضلعي ۾ وومين اينڊ چائلڊ پروٽيڪشن غير فعال بڻيل آهي، جنهن ڪري اهڙا واقعا رونما ٿيڻ معمول بڻيل آهي، الميو اهو به آهي ته عورتن ،معصوم ٻارڙن کي جنسي زيادتي بنائڻ ،جنسي تشدد جا ڪيترا ئي واقعا دٻجي وڃن ٿا، غريب وارث فرياد به نٿا ڪري سگهن،
سراج الحق اڄ خانواهڻ پهچي شهيد فاطمه جي وارثن سان تعزيت ڪندو،ريلي رٿيل
ڪراچي(رپورٽر) امير جماعت اسلامي سراج الحق اڄ 22 آگسٽ تي شام 4 بجي پير اسدا شاھ جي حويلي ۾ ظلم تشدد ۽ درندگي جو نشانو بڻجندڙ شھيد فاطمه ڦرڙو جي گھر خانواھڻ پھچي وارثن سان اظھار ھمدردي ۽ قاتلن توڙي سھولتڪارن کي عبرت جو نشان بنائڻ لاءِ راڻيپور ٽول پلازہ کان دستگير گيٽ تائين نڪرندڙ ريلي کي خطاب ڪندو.ريلي کي ٻيا مرڪزي صوبائي توڙي مقامي اڳواڻ پڻ خطاب ڪندا.