خيرپور: پوليس جو چوڻ آهي ته سرچ آپريشن کانپوءِ ڏوهن واري جاءِ يعني 10 ورهين جي فاطمه جي فوت ٿيڻ واري ڪمري کي سيل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته اتان نوجوان ڇوڪرين سميت 7 نوڪرن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي.پوليس مرڪزي جوابدار اسد شاهه جو ڊي اين اي حاصل ڪري ورتو آهي. ايس ايس پي موجب فاطمه جي نموني سان هن جو ڊي اين اي ميچ ڪيو ويندو.فاطمه جي پوسٽ مارٽم جي وقتي رپورٽ ۾ مقعد ۽ ورجن ۾ داخل ٿيڻ جا نشان ظاهر ٿيا ۽ ليبارٽري تجزيي لاءِ نمونا گڏ ڪيا ويا.پوليس اسد شاهه جي ڀاءُ ۽ ملازمن سميت 6 ڄڻن جا ڊي اين اي ورتا آهن، وڌيڪ انهن کي به ميچ لاءِ ورتو پيو وڃي.ايس ايس پي روحل کوسي چيو ته ڊي وي ۽ فوٽيجز کي فرانزڪ تجزيي لاءِ لاهور جي ليبارٽري موڪليو ويو آهي ۽ ليبارٽري وٽ اها صلاحيت آهي ته اهي وڊيوز ڊليٽ ٿيڻ جي صورت ۾ ٻيهر حاصل ڪري سگهن.