ڪراچي(پ ر) سگا جي چيئرپرسن علي حسين بروهي ۽ سيڪريٽري جنرل ولي محمد روشن پنهنجي بيان ۾ راڻيپور جي پيرن جي حويلي ۾ تڙپي تڙپي دم ڏيندڙ نينگري فاطمه ڦرڙو سان تشدد ۽ لڄالٽ واري وحشي پڻي واري سانحي تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي سمورن جوابدارن کي عبرتناڪ سزائون ڏيارڻ جو مطالبو ڪيو آهي،هنن چيو ته قاتل پيرن سميت سنڌ جي پيرن ۽ انهن جي حويلين خلاف جاچ ڪئي وڃي، پيرن جون حويليون ڏوهن جا مرڪز ۽ حويلين کان ٻاهر موجود انتظاميا ۽ اسپتالون پڻ انهن ڏوهن جا مددگار ۽ مظلوم ماڻهن ۽ نياڻين تي ظلم ۽ تشدد ۾ مددگار بڻيل آهن. جنهن ڪري سنڌ جي سمورن علائقن ۾ سماجي ڏوهه منظم طريقي سان وڌي رهيا آهن.