راڻيپور/خيرپور(رپورٽ: فياض حسين راڄپر+شاهد سيال ) ست ڏينهن اڳ فاطمه قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدار پير اسد علي شاھ جو چار ڏينهن جو ريمانڊ پورو ٿيڻ کانپوءِ راڻيپور جي عدالت سول جج جوڊيشنل ماجسٽريٽ راڻيپور محمد عظيم سولنگي جي عدالت ۾ ٻيهر پيش ڪيو ويو جنهن دوران سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا هيا پير اسد شاھ کي عدالت سڳوري پيش ڪرڻ دوران ڪيس جي فريادي نينگري فاطمه جي ماءُ شبنم ڦرڙو جوابدار کي چنبڙي وئي جنهن تي ايس ايڇ او بچل قاضي بچائي ورتو جڏهن ته ڪيس جي فريادي امڙ دانهون ڪندي چيو ته منهنجي نياڻي منهنجي نياڻي جيڪا شھيد ڪئي وئي ان جي خون سان انصاف ڪيو وڃي جڏهن ته والد نديم عدالت سڳوري ۾ ڪري پيو پوليس کيس ٻاهر موڪليو جڏهن ته فريادي شبنم ڦرڙو ساهتي لائرز فورم طرفان وڪالت نامو ۽ نثار ڀنڀرو فورم پاران وڪالت نامو پيش ڪيو ويو ان موقعي تي ايڊووڪيٽ غلام مرتضيٰ شاھ جوابدار اسد شاھ جو وڪالت نامو پيش ڪيو عدالت سڳوري کي دليل ڏيندي چيو ته پير اسد شاھ مٿان تشدد ٿي رهيو آھي ۽ ھو بي گناھ آھي ان کي جيل ڪسٽڊي ڪيو وڃي جيئن هو ضمانت ڪرائي سگهي ته فريادي جي وڪيلن پاران ايڊوڪيٽ امتياز امر ميمڻ سيد ناياب شاھ ايڊوڪيت اشفاق سولنگي ايڊوڪيٽ بختاور شيخ ۽ ٻين بار جي وڪيلن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي ۽ دليل ڏيندي چيو ته جوابدار اسد شاھ زاني ۽ قاتل آھي نياڻي فاطمه تي تشدد ڪري قتل ڪيو ويو آھي ان کي اڃا وڌيڪ جاچ ۾ رکيو وڃي هو هڪ ويب سائيٽ ڊارڪ ويب جو ميمبر آھي جيڪو پورن وڊيو ٺاهي دنيا جي فحش حرڪتن ۾ ملوث آھي ان جي انڪوائري ڪري ٻيا هٿ جيڪي شامل آھن انھن ڪردارن کي وائکو ڪيو وڃي جڏهن ته عدالت سڳوري ڪجهه وقفي کانپوءِ جوابدار کي پنجن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو جڏهن ته گذريل رات ايس ايس پي خيرپور مير روحل خان کوسو جي اڳواڻي ۾ حويلي تي ٿيل سرچ آپريشن دوران ٽي عورتون مسمات ڪوڙان مسمات خالدہ مسمات ببلي چار ٻار ناياب رافعه عليزا هٿ ڪيون هيون انهن کي عدالت ۾ پڻ پيش ڪيون ويون جنهن کي عدالت سڳوري 161 جا بيان وٺڻ کانپوءِ پوليس کي پابند ڪيو ته پوليس پنهنجي وارثن حوالي ڪري ڇڏيو