ڪراچي(عوامي آواز نيوز) ناليواري تجزئي نگار وجاهت مسعود چيو آهي ته راڻيپور جي جنهن نام نهاد پير گهراڻي جي گهر ۾ معصوم فاطمه قتل ٿي اتي قادر شاهه جيلاني 5 ڀيرا ايم اين اي چونڊيو ويو . هو وفاقي وزير به رهيو. سندس پٽ فضل شاهه ڪيترائي ڀيرا صوبائي ۽ قومي اسيمبلي جو ميمبر ۽ وزير رهيو. ڇا پيپلز پارٽي يا مسلم ليگ ۾ اها جرئت آهي ته هن خاندان کي ٽڪيٽ نه ڏئي؟