”شهيد فاطمه جي خون سان انصاف ڪريو“خيرپور ۾ر يلي

خيرپور(س ر) قائدين سنڌ فورم طرفان فاطمه ڦرڙو شهيد جي واقعي خلاف پريس ڪلب خيرپور آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مظاهري جي اڳواڻي  گل محمد بهڻ، مجاهد جاگيراڻي، ڊاڪٽر نثار ڪانهر ،ڊاڪٽر ارشاد وساڻ ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا، مظاهرين چيو ته راڻيپور ۾ معصوم ملازمه فاطمه ڦرڙو واري واقعي مذمت ڪريون ٿا، هنن چيو ته دنيا جديد دور مان گذري پئي پر افسوس آهي جو اسان جا سٻاجهڙا سنڌي اڃا تائين پيري ۽ مريدي جي ويساهه پيا ڪن، هنن چيو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته اسان سڀ سنڌي سجاڳ ٿيو ۽ جعلي پيرن ،مرشدن کان پاسو ڪريون، هنن چيو راڻيپور گادي جي مريدن کي مخاطب ٿيندي چيو ته خدراه اهڙن پيرن جي گادين تي يقين نه رکو، الله پاڪ ۽ ان جي سچي ڪتاب جي روشني تي عمل پيرا ٿيو،  هنن چيو ته فاطمه ڦرڙو شهيد جي واقعي ۾ پير اسد شاهه ۽ حنا شاهه کانسواءِ سندن وڏا پير به ان معاملي ۾ ملوث آهن، ڇو ته انهن کي سالن کان حويلين اندر ٿيندڙ تماشن جي مڪمل ڄاڻ آهي، جيڪي عوام آڏو بينقاب ٿي چڪا آهن،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.