جسقم پاران افغانين کي زمين ڏيڻ ۽ فاطمه جي قتل خلاف اڄ ڌرڻو رٿيل

حيدرآباد(پ ر ) جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين صنعان خان قريشي، امجد خان مهيسر ،ديدار شام ،مومن سمون ،ڏاڏو اطهر سومرو جي  اڳواڻي ۾ اڄ خيرپور ميرس جي زمين افغانين کي ڏيڻ، شهيد صحافي جان محمد مهر، معصوم فاطمه جي دردناڪ واقعي خلاف خيرپور ميرس جي ڊي سي آفيس اڳيان ڌرڻو هنيو ويندو، جڏهن ته خيرپور ميرس ۾ تاريخي مارچ ۽ ريلي ڪڍي ويندي، صنعان خان قريشي چيو ته راڻي پور جي نياڻيءَ فاطمه جو فرياد عرش تي پهچي ويو آهي، نياڻي جي ناحق قتل سان ضرور انصاف ٿيندو، هن چيو ته صحافين کي ٽارگيٽ ڪيو پيو وڃي، پريا ڪماري جو ڪو به ڏس پتو ناهي، سندس گهر ۾ ڪربلا جهڙو ماحول آهي، سندس امڙ رات ڏينهن روئي رهي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.