ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ سنڌ جي زمين ڏيڻ قبول ناهي: اختر حسين ايڊووڪيٽ

حيدرآباد(رپورٽر) عوامي ورڪرز پارٽي سنڌ جي قومي ڪاميٽي جي گڏجاڻي سنڌ جي صدر ڪامريڊ ضياءُ ڀَٽي جي صدارت ۾ ڪالهه  حيدرآباد ٿي گذري. جنهن ۾ وفاقي صدر اختر حسين ايڊوڪيٽ ۽ وفاقي جنرل سيڪريٽري بخشل ٿلهو پڻ شرڪت ڪئي. اڳواڻن چيو ته پاڪستان جا سويلين توڙي عسڪري حڪمران سامراجي قوتن جا مقامي ڪمدار آهن جن هڪ پاسي عوام کي مهانگائي ۽ ملڪ کي عالمي  قرض جي ڪوڙڪي ۾ ڦاسايو آهي ته ٻي پاسي محڪوم قومن جي وسيلن توڙي زمينن کي عالمي سرمايي جي جهولي ۾ اُڇلڻ جا سانباها پڻ ڪري ڇڏيا آهن.شهرن ۾ پورهيتن جون ڪچيون آباديون ۽ ٻهراڙي ۾ صديون پُراڻا ڳوٺ بلڊوز ڪيا پيا وڃن.  بحريا ٽائون ۽ ڊي ايڇ اي جي قبضن کي اڃا روڪ آئي ئي ڪونه هُئي ته ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ فوجي نوڪرشاهي کي لکين ايڪڙ زمين ڏئي ڪري، سنڌ جي بي زمين هارين ۽ ڌرتي ڌڻين کي معاشي ڦاهي چاڙهيو پيو وڃي. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته اُتر سنڌ ۾ بدامني ۽ راڻيپور واقعو ، ان ئي جاگيرداري باقيات ۽ پيري مُريدي  جي بدترين صورت آهي. جنهن خلاف سوشلسٽن، ترقي پسند قومپرستن ۽ حقيقي جمهوريت پسندن کي مڙي مُٺ ٿي جدوجهد ڪرڻي پوندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.