اوٻاوڙو( رپورٽ: عبدالحئي ڇڄڻ)اوٻاوڙو لڳ سنڌ پنجاب بارڊر واري علائقي چوڪ چڍڙ ۾ ڀنگ ۽ ڪوٽ سبزل پوليس جي گڏيل ڪاروائي اطلاع تي پوليس واردات واري ھنڌ پھتي جتي پوليس ۽ ڌاڙيلن ۾ سخت مقابلو ٿي پيو فائرنگ جي ڏي وٺ دوران پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ ٻه ڌاڙيل مارجي ويا مارجي ويل ڌاڙيلن جي سڃاڻپ شھزادو چانڊيو ۽ ﷲ يار لولائي جي نالن سان ٿي آهي، مارجي ويل ڌاڙيل سنڌ ۽ پنجاب جي مختلف ٿاڻن جي سنگين نوعيت جي ڪيسن ۾ پوليس کي گهربل ھيا، ڌاڙيلن جي وارثن جو اڃان تائين ڪوبه بيان سامھون ناھي آيو جڏهن ته لاش اسپتال ۾ پيل آهن