اسلام آباد ( م ڊ ) آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ تحت قائم مُلڪ جي پهرين اسپيشل عدالت سائفر ڪيس ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي وائس چيئرمين شاهه محمود قريشي جو چئن ڏينهن جو رمانڊ منظور ڪري ورتو. آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ تحت مُلڪ جي پهرين اسپيشل عدالت قائم ڪئي وئي آهي جنهن ۾ سائفر ڪيس ۾ گرفتار تحريڪ انصاف جي وائس چيئرمين شاهه محمود قريشي کي پيش ڪيو ويو . آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ عدالت جي واڌو ذميواري دهشتگردي ٽوڙ عدالت کي سونپي وئي آهي، ججج ابو الحسنات آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ تحت داخل ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، قانون موجب آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ تحت داخل ڪيسن جي ٻڌڻي اِن ڪيمرا ٿيندي. خاص عدالت جي جج ابو الحسنات اڻ لاڳاپيل ماڻهن کي عدالت جي ڪمري ڪڍڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جو معاملو آهي، غير لاڳاپيل ماڻهو ٻاهر هليا وڃن. عدالت جي ڪمري ۾ شاهه محمود قريشي جا وڪيل شعيب شاهين، انتظار پنجوٿا، گوهر علي ۽ علي بخاري موجود هئا جڏهن ته پي ٽي آءِ جي جونيئر وڪيلن کي به عدالت جي ڪمري مان ٻاهر ڪڍيو ويو. ذريعن جو چوڻ آهي ته شاهه محمود قريشي جي وڪيل علي بخاري به پنهنجي دليلن ۾ تحريڪ انصاف جي وائس چيئرمين جي جسماني رمانڊ جي مخالف ڪئي. ذريعن موجب، وڪيل علي بخاري ۽ شعيب شاهين مختلف عدالتي فيصلن جو حوالو ڏنو جڏهن ته ايف آءِ اي پراسيڪيوٽر آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ پڙهي ٻڌايو.