چندريان ٿري جي چنڊ تي لينڊنگ کان اڳ جون تصويرون جاري

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت جي خلائي اداري اسرو طرفان چنڊ جي اونداهين حصي جون نيون تصويرون جاري ڪيون ويون آهن.

اِهي تصويرون چنڊ جي ڏاکڻي قطب ۾ لهڻ لاءِ موڪليل چندريان ٿري مشن ڪڍيون آهن، چندريان ٿري 23 آگسٽ تي چنڊ جي سطح تي لهڻ جي ڪوشش ڪندو.

اِهي نيون تصويرون ان وقت جاري ڪيون ويون آهن جڏهن ته روس جو اسپس ڪرافٽ لونا 25 ٽيڪنيڪي مسئلن سبب چنڊ جي سطح تي ڪِري تباهه ٿي ويو.

واضح رهي ته ڀارت ۽ روس وچ ۾ چنڊ جي ڏاکڻي قطب ۾ سڀ کان پهريان مشن لاهڻ جو مقابلو هلي رهيو هو، جنهن ۾ روسي اسپيس ڪرافٽ کي ناڪامي جو منهن ڏسڻو پيو.

اسرو طرفان لونا 25 مشن جي ناڪامي کانپوءِ 21 آگسٽ تي تصويرون جاري ڪندي ٻڌايو ويو آهي ته چندريان ٿري مشن 23 آگسٽ تي چنڊ تي لهڻ لاءِ تيار آهي.

ڀارت طرفان اِها چئن ورهين دوران چنڊ تي لهڻ جي ٻي ڪوشش آهي، ان کان اڳ 2019ع ۾ چندريان ٽو مشن جو آربٽر ڪاميابي سان چنڊ جي مدار ۾ داخل ٿي ويو هو، پر لينڊر ڪِري تباهه ٿي ويو هو.

چنڊ جي ڏاکڻي قطب ۾ جبلن سبب چندريان ٿري جي لينڊنگ ۾ ڏکيائين جو منهن ڏسڻو پئجي سگهي ٿو.

چنڊ جي ان خطي ۾ موجود برف سائنسدانن جي ڌيان جو مرڪز آهي جيڪا سندن خيال ۾ مستقبل جي مشنز ۾ ٻارڻ، آڪسيجن ۽ پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي ۾ مددگار ثابت ٿيندي.

نيون تصويرون چندريان ٿري جي لينڊر ڪڍيون آهن جنهن ۾ چنڊ جي سطح جا کڏا صاف نظر اچي رهيا آهن.

اِهي تصويرون ان ڪيمرا ڪڍيون آهن جيڪا لينڊر کي چنڊ جي سطح تي لهڻ لاءِ محفوظ هنڌ ڳولڻ ۾ مدد فراهم ڪندي.

ياد رهي ته چندريان ٿري مشن 23 آگسٽ تي پاڪستاني وقت موجود شام پنج لڳي 34 منٽن تي چنڊ تي لهڻ جي ڪوشش ڪندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.