ايشياڪپ ۽ ورلڊ ڪپ ۾ رڳو پاڪستان سان مقابلو ناهي، سڀني ٽيمن خلاف تياري ڪرڻي پوندي: روهت

ممبئي(ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان روهت شرما چيو آهي ته اسان کي پاڪستان سميت سڀني ٽيمن خلاف کيڏڻ لاءِ تياري ڪرڻي آهي.

مقامي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڀارتي ڪپتان چيوته رڳو پاڪستان نه پر ٻيون ٽيمون به سٺي ڪرڪيٽ کيڏي رهيون آهن، اسان کي سڀني ٽيمن خلاف کيڏڻ لاءِ تياري ڪرڻي آهي.

روهت شرما چيو ته عاليم ڪپ ۾ فيورٽ يا انڊر ڊاگ قرار ڏيڻ تي ناهيان سوچيندو، اسان کي هر سطح تي رڳو بهترين ڪرڪيٽ کيڏڻي آهي، ٽيم ۾ اهڙا رانديگر هجڻ گهرجن جيڪي ڪنهن به نمبر تي بيٽنگ ڪري سگهن.

ڀارتي ڪپتان موجب، سمورن رانديگرن کي پيغام ڏنو آهي ته جتي ضرورت پوندي ان پوزيشن تي بيٽنگ ڪرڻي پوندي، يزويندر چاهل ۽ ايشون سميت سمورن رانديگرن لاءِ آپشن ۽ دروازا کُليل آهن.

ٻئي پاسي ڀارتي ٽيم جي چيف سليڪٽر اجيت اگرڪار  چيو آهي ته ڪي ايل راهول مڪمل فٽ نه آهي تنهنڪري سنجو سيمسن کي بيڪ اَپ طور رکيو آهي.

هن چيو ته اميد آهي ته ڪي ايل راهول ايشيا کان اڳ مڪمل طور فٽ ٿي ويندو.

واضح رهي ته سومر جي ڏينهن ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ ( بي سي سي آءِ ) طرفان ايشيا ڪپ لاءِ پنهنجي ٽيم جو اعلان ڪيو ويو هو .

بي سي سي آءِ طرفان سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ ايشياڪپ لاءِ ٽيم جو اعلان ڪيو ويو آهي.

ايشيا ڪپ لاءِ ڀارتي ٽيم جي قيادت روهت شرما ڪندو جڏهن ته ٻين رانديگرن ۾ ويرات ڪوهلي، شُڀمَن گِل، شيرياس ائير، سوريا ڪمار ياديو، تلَڪ  ورما، ايشان ڪِشن، هاردِڪ پانڊيا، جسپريت بمرا، محمد شامي، محمد سراج ۽ پراسيڌ ڪرشنا شامل آهن.

ان کانسواءِ آل رائونڊر رويندر جاڙيجا، شاردل ٺاڪر، ڪي ايل راهول، اڪشر پٽيل ۽ ڪُلديپ ياديو به ٽيم جو حصو آهن، جڏهن ته سنجو سيمسن کي اسٽينڊ باءِ رانديگر طور ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي.

ياد رهي ته ايشياڪپ 30 آگسٽ کان شروع ٿي رهيو آهي، پاڪستان ۽ سريلنڪا ۾ شيڊيول ميگا ايونٽ ۾ پهريون مقابلو پاڪستان ۽ نيپال جي ٽيمن وچ ۾ ملتان ۾ ٿيندو جڏهن ته پاڪستان ۽ ڀارت جون ٽيمون ٻه سپٽيمبر تي ماڻ ۾ مهاڏو اٽڪائينديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.