باقراڻي مان نينگر گهران ڪاوڙجي نڪرڻ بعد گم، وارث پريشان

باقراڻي ( ويب ڊيسڪ ) باقراڻي تعلقي جي ڳوٺ محرابپور جو رهواسي 11 ورهين جو نينگر تنزيل پيرزادو گهران ڪاوڙجي نڪرڻ بعد گم ٿي ويو، جيڪو ٽي ڏينهن گذرڻ باوجود واپس گهر ناهي موٽيو.

گم ٿيل نينگر جي وارثن جو چوڻ آهي ته جمعي جي ڏينهن تنزيل پيرزادو کي سندس والد ڪنهن ڳالهه تان دڙڪا ڏنا، جنهن تي هو ڪاوڙ ۾ اچي گهران نڪري ويو هو، جيڪو اڃا تائين واپس ناهي موٽيو.

نينگر جي مختلف هنڌن تي ڳولا ڪئي وئي آهي پر سندس ڪٿان به ڏس پتو ناهي ملي سگهيو، جنهن ڪري سندس گهر ڀاتي پريشان آهن.

 هنن هن اختيارين کي نينگر جي ڳولا ۾ مدد جي اپيل ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.