آءِ جي سنڌ رفعت مختار جي تعارفي اجلاس مان ڇهه سينيئر آفيسر گم

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) آءِ جي سنڌ رفعت مختار جي تعارفي اجلاس ۾ ڇهه سينيئر آفيسر شريڪ نه ٿيا.

آءِ جي سنڌ رفعت مختار کي پوليس هيڊ آفيس پهچڻ تي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو جنهن کانپوءِ آءِ جي سنڌ جي صدارت هيٺ تعارفي اجلاس ٿيو جنهن ۾ ايڊيشنل آءِ جي عمران يعقوب منهاس، مظفر شيخ ۽ فرحت جوڻيجو شريڪ نه ٿيا.

ان کانسواءِ ڪراچي پوليس چيف جاويد عالم اوڍو، منير شيخ ۽ قادر قيوم به اجلاس ۾ شامل نه ٿيا، نئون آءِ جي سنڌ 21 هين گريڊ جي ڄاڻايل سمورن آفيسرن کان جونيئر آهي، 21 گريڊ جي آفيسر رفعت مختار جو تعلق پوليس سروس جي 24 هين ڪامن سان آهي.

سنڌ پوليس ۾ رڳو هڪ آفيسر خادم حسين رند بلوچ نئين آءِ جي رفعت مختار جي گروپ مان آهي جڏهن ته خادم حسين به رفعت مختار کان هڪ نمبر مٿي آهي.

19 هين ڪامن جي اعليٰ ترين آفيسر عمران يعقوب منهاس ۽ مظفر شيخ ايڊيشنل آءِ جي آهن، ايڊيشنل آءِ جي فرحت جوڻيجو 21 هين ڪامن جڏهن ته ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي جاويد عالم اوڍو جو تعلق 22 هين ڪامن سان آهي.

ايڊيشنل آءِ جي منير شيخ ۽ طارق قريشي 23 هين ڪامن سان واسطو رکن ٿا جڏهن ته ايڊيشنل آءِ جي قيوم قادر به رفعت مختار کان سينيئر پوليس آفيسر آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.