شهريار آفريدي جي گرفتاري ڪالعدم قرار ڏيڻ جو سنگل بئنچ جو فيصلو چئلينج

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد جي مئجسٽريٽ ايم پي او جي تحت پي ٽي آءِ اڳواڻ شهريار آفريدي جي گرفتاري ڪالعدم قرار ڏيڻ وارو سنگل بئنچ جو فيصلو چئلنيج ڪري ڇڏيو.

اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ ايم پي او تحت پي ٽي آءِ اڳواڻ شهريار آفريدي جي گرفتاري ڪالعدم قرار ڏيڻ وارو سنگل بئنچ جو فيصلو چئلينج ڪندي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ انٽرا ڪورٽ اپيل داخل ڪري ڇڏي.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته سنگل بئنچ جو فيصلو طئي ٿيل قانوني اصولن جي ڀڃڪڙي آهي، فيصلو ٻڌائيندي جڊيشل مائنڊ اپلاءِ نه ڪيو ويو، سنگل بئنچ جي ان فيصلي سان انصاف جو مان مٿانهون نه پر خاتمو ٿيندو.

ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ اسلام آباد، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ داخل درخواست ۾ استدعا ڪندي چيو ته حقيقتن کي نظر ۾ رکندي 16 آگسٽ وارو سنگل بئنچ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.