جڏهن آئين پٽاندڙ قانون ٺاهيو پيو وڃي ته صدر جو جعلي ضمير جاڳي پيو آهي: خواجا آصف

سيالڪوٽ ( ويب ڊيسڪ) ن ليگ جي مرڪزي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته صدر عارف علوي کي نوٽيفڪيشن جي 2 ڏينهن کانپوءِ ياد آيو ته الله کي گواهه بڻائڻو ۽ ۽ معافي گهرڻي آهي.

پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته بد ديانتي جي به ڪا حد هوندي آهي، سوشل ميڊيا کي گند ڪنهن بڻايو ۽ هڪ سڄي نسل کي تباهه ڪيو؟.

هن چيو ٽي وي اسٽيشن ۽ پارليامينٽ تي حملو ڪنهن ڪيو؟، ان جي به معافي گهري وڃي، پي ٽي آءِ جي حڪومتي دور ۾ مخالف ڌر خلاف قانون جو غلط استعمال ٿيو ان جي به معافي گهري وڃي.

هن چيو ته 9 مئي تي جڏهن رياست خلاف بغاوت ٿي ته صدر پاڪستان جي ڪهڙي ذميواري هئي، توهان ڪڏهن سوچيو آهي.

خواجا آصف وڌيڪ چيو ته اڄ جڏهن آئين موجب قانون ٺاهيو پيو وڃي ته توهان جو جعلي ضمير جاڳي پيو آهي. اوهان عوامي شعور کي گهٽ نه سمجهو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.