ايشيا ڪپ لاءِ ڀارتي اسڪواڊ جو اعلان، بمرا، شرياس ۽ راهول جي واپسي

ممبئي (ويب ڊيسڪ ) ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ ( بي سي سي آءِ ) ايشيا ڪپ لاءِ پنهنجي ٽيم جو اعلان ڪري ڇڏيو، ڪي ايل راهول شرياس ائير ۽ جسپريت بمرا جي ٽيم ۾ واپسي ٿي آهي.

بي سي سي آءِ طرفان سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ ايشياڪپ لاءِ ٽيم جو اعلان ڪيو ويو آهي.

ايشيا ڪپ لاءِ ڀارتي ٽيم جي قيادت روهت شرما ڪندو جڏهن ته ٻين رانديگرن ۾ ويرات ڪوهلي، شُڀمَن گِل، شيرياس ائير، سوريا ڪمار ياديو، تلَڪ  ورما، ايشان ڪِشن، هاردِڪ پانڊيا، جسپريت بمرا، محمد شامي، محمد سراج ۽ پراسيڌ ڪرشنا شامل آهن.

ان کانسواءِ آل رائونڊر رويندر جاڙيجا، شاردل ٺاڪر، ڪي ايل راهول، اڪشر پٽيل ۽ ڪُلديپ ياديو به ٽيم جو حصو آهن، جڏهن ته سنجو سيمسن کي اسٽينڊ باءِ رانديگر طور ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي.

ياد رهي ته ايشياڪپ 30 آگسٽ کان شروع ٿي رهيو آهي، پاڪستان ۽ سريلنڪا ۾ شيڊيول ميگا ايونٽ ۾ پهريون مقابلو پاڪستان ۽ نيپال جي ٽيمن وچ ۾ ملتان ۾ ٿيندو جڏهن ته پاڪستان ۽ ڀارت جون ٽيمون ٻه سپٽيمبر تي ماڻ ۾ مهاڏو اٽڪائينديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.