نگران حڪومت جو بجلي ورهائيندڙ ڪمپنيون صوبن حوالي ڪرڻ جو فيصلو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نگران وفاقي حڪومت بجلي جي وڪري، ورهاست ۽ ٽيرف جو موجوده نظام ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو.

بجلي ورهائيندڙ ڪمپنين کي صوبن جي ملڪيت ۾ ڏيڻ جي سمري وفاقي ڪابينا کي موڪلڻ جي منظوري ڏني وئي آهي.

دستاويز موجب وفاقي حڪومت سڄي ملڪ ۾ بجلي جو برابر ٽيرف ختم ڪرڻ، بجلي جي ريٽ ۽ سبسڊي جي ذميواري صوبن کي منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

دستاويز ۾ چيو ويو آهي ته حيدرآباد ۽ سکر اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني سنڌ جي ملڪيت ۾ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪوئيٽا اليڪٽرڪ ڪمپني بلوچستان جي ملڪيت ۾ ڏني ويندي.

دستاويز موجب لاهور، گوجرانوالا، فيصل آباد ۽ ملتان اليڪٽرڪ سپلاءِ جي ملڪيت پنجاب کي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته اسلام آباد اليڪٽرڪ ڪمپني جي ملڪيت گڏيل طور پنجاب ۽ وفاق جي هوندي.

دستاويز موجب پشاور ۽ ٽرائبل ايريا اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني خيبر پختونخواهه جي ملڪيت ۾ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

دستاويز ۾ چيو ويو آهي ته بجلي ورهائيندڙ ڪمپنين کي صوبن حوالي ڪرڻ جو پاليسي فريم ورڪ تيار ڪيو ويو آهي، بجلي چوري ۽ عدم وصولين سبب قومي ناڻو بار کڻڻ لائق ناهي رهيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.