سائفر ڪيس: شاهه محمود چئن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي ايف آءِ اي حوالي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ تحت قائم مُلڪ جي پهرين اسپيشل عدالت سائفر ڪيس ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي وائس چيئرمين شاهه محمود قريشي جو چئن ڏينهن جو رمانڊ منظور ڪري ورتو.

آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ تحت مُلڪ جي پهرين اسپيشل عدالت قائم ڪئي وئي آهي جنهن ۾ سائفر ڪيس ۾ گرفتار تحريڪ انصاف جي وائس چيئرمين شاهه محمود قريشي کي پيش ڪيو ويو .

آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ عدالت جي واڌو ذميواري دهشتگردي ٽوڙ عدالت کي سونپي وئي آهي، ججج ابو الحسنات آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ تحت داخل ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، قانون موجب آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ تحت داخل ڪيسن جي ٻڌڻي اِن ڪيمرا ٿيندي.

خاص عدالت جي جج ابو الحسنات اڻ لاڳاپيل ماڻهن کي عدالت جي ڪمري ڪڍڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جو معاملو آهي، غير لاڳاپيل ماڻهو ٻاهر هليا وڃن.

عدالت جي ڪمري ۾ شاهه محمود قريشي جا وڪيل شعيب شاهين، انتظار پنجوٿا، گوهر علي ۽ علي بخاري موجود هئا جڏهن ته پي ٽي آءِ جي جونيئر وڪيلن کي به عدالت جي ڪمري مان ٻاهر ڪڍيو ويو.

ذريعن موجب، وڪيل شعيب شاهين سائفر معاملي تي ايف آءِ اي سان سهڪار جي خاطري ڪرائي ۽ هر هر جسماني رمانڊ جي مخالفت ڪئي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته شاهه محمود قريشي جي وڪيل علي بخاري به پنهنجي دليلن ۾ تحريڪ انصاف جي وائس چيئرمين جي جسماني رمانڊ جي مخالف ڪئي.

ذريعن موجب، وڪيل علي بخاري ۽ شعيب شاهين مختلف عدالتي فيصلن جو حوالو ڏنو جڏهن ته ايف آءِ اي پراسيڪيوٽر آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ پڙهي ٻڌايو.

ايف آءِ اي طرفان سائفر ڪيس ۾ تيرنهن ڏينهن جي جسماني رمانڊ جي استدعا ڪئي وئي هئي، پر عدالت شاهه محمود قريشي کي چئن ڏينهن لاءِ ايف آءِ اي حوالي ڪندي کيس 25 آگسٽ تي ٻيهر پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

ياد رهي ته گذريل قومي اسيمبلي آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ ۽ آرمي ايڪٽ ترميمي بل منظور ڪيا هئا ۽ ٽي ڏينهن اڳ ٻئي ايڪٽ تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي منظوري کانپوءِ قانون بڻجي ويا هئا

پر گذريل ڏينهن هن وقت مُلڪ ۾ اوچتو ٿرٿلو مچي ويو جڏهن صدر عارف علوي طرفان سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل پيغام ۾ چيو ويو ته هن آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ ۽ آرمي ايڪٽ ترميمي بل تي صحيحون ناهن ڪيون.

پ پ، ن ليگ ۽ مُلڪ جي مختلف سياسي پارٽين ۽ اڳواڻن صدر جي اهڙي بيان تي کيس ڇتي تنقيد جو نشانو بڻائيندي سندس کائنس استعيفيٰ جو مطالبو ڪيو آهي، جڏهن پاڪستان تحريڪ انصاف صدر پاڪستان جي بيان کانپوءِ سُپريم ڪورٽ سان رابطو ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.