ايمان مزاري ۽ علي وزير ٽن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ايمان مزاري ۽ علي وزير کي ٽن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.

اڳوڻي ايم اين اي ۽ انساني حقن جي سرگرم ڪارڪن ۽ وڪيل ايمان مزاري کي دهشتگردي جي قلمن تحت داخل ڪيس ۾ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.

ٻڌڻي دوران علي وزير روسٽرم تي آيو ۽ موقف اختيار ڪيو ته جلسي ۾ ڪا غلط ڳالهه ناهي ٿي، اسان چيو ته اسان پنهنجا مطالبا اسلام آباد تائين پهچائڻ چاهيون ٿا.

اڳوڻي ايم اين اي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج کي غلطي سان اسپيڪر چئي ويٺو جنهن تي جج ابو الحسنات چيو ته ڪائي ڳالهه ناهي، مان به ٻڌي رهيو آهيان، اوهان اسپيڪر چئي سگهو ٿا، مُلڪ آهي ته اسان آهيون، ڪيڏو پيار مُلڪ آهي اسان جو.

ٻڌڻي دوران پراسيڪيوٽر راجا نويد عدالت کي ٻڌايو ته ايمان مزاري ۽ علي وزير جي ذريعي شريڪ جوابدارن تائين به پهچڻو آهي جنهن تي ايمان مزاري جي وڪيل چيو ته سوال اِهو آهي ته هن مهل تائين ايمان مزاري خلاف ڪو ثبوت ڇو پيش ناهي ڪيو ويو؟ فوٽو گراميٽڪ ٽيسٽ  يا وائس مئچنگ ٽيسٽ اڃا تائين ڇو ناهي ڪرائي وئي؟ .

وڪيل چيو ته ايمان مزاري جي تقرير سوشل ميڊيا تي موجود آهي، ليپ ٽاپ، موبائيل به پوليس وٽ آهي، ايمان مزاري کي گرفتار ڪري ڇا ملندو؟ .

هن چيو ته هو ايمان مزاري کي دهشتگرد ثابت ڪرڻ چاهين ٿا، پوليس شايد وساري ويٺي آهي ته سندن گهر ۾ مائرون، ڀينرون آهن.

ايمان مزاري جي قانوني ٽيم ساڻس ملاقات ڪرڻ لاءِ عدالت کان اجازت طلب ڪندي چيو ته ايمان مزاري ڪالهه بهوش ٿي وئي، ٿاڻي ۾ ساڻس ملاقات نه ڪري سگهياسين تنهنڪري ملاقات جي اجازت ڏني وڃي.

پراسيڪيوٽر  راجا نويد طرفان ڏهه، ڏهه ڏينهن جي جسماني رمانڊ جي استدعا ڪئي وئي، جنهن تي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج ابوالحسنات ذوالقرنين ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ محفوظ ٿيل فيصلو ٻڌايو ۽ ايمان مزاري ۽ علي وزير کي ٽن، ٽن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.