لاهور (عوامي آواز نيوز) پيپلز پارٽي ۽ پي ٽي آءِ ۾ 90 ڏينهن اندر چونڊون ڪرائڻ جي نڪتي تي اتحاد ڪري نگران حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ تي دٻاءُ وجهڻ لاءِ ملڪ رياض ڳجهه ڳوهه ۾ سرگرم ٿي ويو آهي.
نامياري صحافي معظم فخر جو چوڻ آهي ته ان سلسلي ۾ پرڏيهه فرار ٿي ويل پي ٽي آءِ حامي صحافي معيد پيرزادي ٽوئيٽ ڪري ملڪ رياض جو نالو وٺڻ بنا عمران خان کي صلاح ڏني آهي ته 90 ڏينهن اندر چونڊون ڪرائڻ جي نڪتي تي عمران خان کي پيپلز پارٽيءَ سان اتحاد ڪري نگران حڪومت تي دٻاءُ وجهڻ گهرجي.
ظاهر آهي ته اهڙي ڪم لاءِ ملڪ رياض کان وڌيڪ ڪو ٻيو موثر ڪردار ادا نٿو ڪري سگهي ڇو ته عمران خان ۽ آصف علي زرداريءَ جي ويجهو ملڪ رياص ئي آهي ۽ اڳ به ملڪ رياض عمران خان جا پيغام آصف علي زرداريءَ کي پهچائيندو رهيو آهي.
نوٽ: هي خبر روزاني عوامي آواز سومر 21 هين آگسٽ 2023ع تي شايع ٿي