صدر جي استعيفيٰ نه معاملي جي جاچ ٿيڻ گهرجي: تجزئي نگار

اسلام آباد(مانيٽرينگ ڊيسڪ ) تجزئي نگار شاهزيب خانزاده چيو ته ان معاملي تي ملڪ جي صدر پنهنجي ئي اسٽاف تي سندس چوڻ نه مڃڻ جو الزام  هنيو آهي، ان ڪري صدر جي استعيفيٰ مطالبو نه پر معاملي جي جاچ ٿيڻ گهرجي، بل تي غير قانوني صحيح  جو سوال پنهنجي جاءِ تي آهي.

هن چيوته صدر به لکت ۾ ثبوت سامهون رکي ته جيئن باقي بل اعتراضن سان واپس ڪيا،ائين ئي هي بل واپس ڪيا.جاچ ٿيڻ گهرجي ته پوءِ حقيقت سامهون اچي ويندي، پر هڪ ڳالهه حيران ڪندڙ آهي ته 88 ڪلاڪن کان اها خبر ميڊيا تي هلي رهي آهي ته پوءِ عارف علوي صاحب انهن ٻن ڏينهن ۾ ان ڳالهه جي وضاحت ڇو نه ڪئي؟ صدر کي به ان سوال جو جواب ڏيڻو آهي ته جيڪڏهن هن نه ته پوءِ سندس آفيس جي ڪهڙي ملازم صحيح ڪئي؟.

سينيئر صحافي وجاهت الله خان ٽوئيٽ ڪندي چيو ته صدر جيڪو ڪيو اهو صرف هڪ ماهر ڊينٽسٽ ئي ڪري سگهي ٿو.سينيئر صحافي ۽ اينڪر پرسن عاصمه شيرازي چيو ته اهو ڪيئن ممڪن آهي ته معزز صدر کي ان بل جي منظوري يا تحريري مشاهدن سان پارليامينٽ ۾ واپس آڻڻ جي طريقيڪار جي خبر ناهي، جيڪڏهن صدر دعويٰ ڪري ٿو ته هن ان کي واپس ڪيو آهي ته پوءِ لکت ڪٿي آهي؟ ان جي تحقيق ٿيڻ گهرجي.ا

ينڪر پرسن غريده فاروقي لکيو ته هي هڪ انتهائي سنجيده بيان آهي جنهن جا خوفناڪ نتيجا نڪري سگهن ٿا پر ڪجهه سوالن جا جواب لازمي آهن، صدر جي آفيس سمورين هٿياربند فوجن جي ڪمانڊر ان چيف جي آفيس آهي، ڇا صدر بلن تي صحيحون ڪيون يا نه؟

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.