صدر خلاف قانوني ڪارروائي نٿي ڪري سگهجي: مرتضيٰ سولنگي

اسلام آباد(مانيٽرينگ ڊيسڪ) سُڌ سماءَ جي نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي،  قانون واري وزير سان گڏ پريس ڪانفرنس دوران چيو آهي ته صدر خلاف  ڪابه قانوني ڪارروائي نٿي ڪري سگهجي.

مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته حڪومت صدر جي آفيس وڃي رڪارڊ تحويل ۾ نٿي وٺي سگهي، اسان اهڙي حرڪت نه ڪنداسين.

هن وڌيڪ چيو ته  صدر آفيس ۾ اچي وڃي ته اُن کي قانوني تحفظ حاصل هوندو آهي، صدر اعتراض هئا ته بِلز تي لڳائي واپس اُماڻي ها، هو ماضي ۾ به ائين ڪندو رهيو آهي، صدر جي ٽوئيٽ سان ڪنهن به قسم جو طوفان نه آيو آهي، آئين جو آرٽيڪل 75 اِن معاملي ۾ واضح آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.