شاهه محمود قريشي کي پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ اعظم خان سائفر سازش جو ذميوار قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام اباد / لاهور (عوامي آواز نيوز) شاهه محمود قريشي ۽ اسد عمر کانپوءِ سائفر ڪيس ۾ شيرين مزاريءَ  جي گرفتاري  جو امڪان وڌي ويو آهي. جڏهن ته عمران خان جي به سرڪاري ريڪارڊ ۾ سائفر ڪيس ۾ گرفتاري   ظاهر ڪئي وئي اهي.

ان سلسلي ۾ نامياري صحافي رئوف ڪلاسرا جو چوڻ آهي ته هن ڀيري شاهه محمود قريشي جي گرفتاري ڊگهي عرصي لاءِ  ڪئي وئي آهي. ڇو ته هو اڳ گرفتار ٿيو ته اسٽيبلشمينٽ ساڻس ڪنهن  اعتماد جي بنياد تي رعايت ڪئي هئي پر هن ڀيري شاهه محمود قريشي سان سختي ڪئي ويندي ڇاڪاڻ ته سائفر ڪيس جو مک جوابدار ته اڳوڻو پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي آهي، ٻيو ته هن اسٽيبلشمينٽ سان ڪا واعدي خلافي ڪئي آهي.

ان ڪري هن ڀيري شاهه محمود کي آزاديءَ عيوض وڏي سياسي قيمت ادا ڪرڻي پوندي يا ڊگهو  عرصو جيل  ۾ رهڻو پوندو. ٻيو ته غير ملڪي سفيرن سان ملاقات تي به اسٽيبليشميٽ کي مٿس وڏي ڪاوڙ آهي.

ان کانسواءِ صحافي معظم فخر جو چوڻ آهي ته عمران خان  جي اڳوڻي  پرنسپل سيڪريٽري  اعظم خان به سلطاني شاهد جي حيثيت ۾ جيڪو بيان رڪارڊ ڪرايو آهي. ان سائفر واري سازش  جو سمورو وزن شيرين مزاري، شاهه محمود ۽ اسد عمر تي وجهي ڇڏيو آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته عمران خان  به جاچ دوران جيڪو بيان رڪارڊ ڪرايو آهي. ان ۾ شاهه محمود قريشيءَ  کي  ئي سائفر سازش جو ذميوار قرار ڏنو آهي. ان ڪري هاڻي شاهه محمودجو جلد آزاد ٿيڻ مشڪل آهي.

نوٽ: هي خبر روزاني عوامي آواز سومر 21 هين آگسٽ 2023ع تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.