صدر اسٽيبلشمينٽ سان ٽڪر کائي ويٺو؟

اسلام آباد (عوامي اواز نيوز)  پاڪستان کي صدر علوي دنيا ۾ تماشو  بڻائي ڇڏيو آهي ۽ اسٽيبلشمينٽ سان ٽڪر کائي  ويٺو آهي.

نامياري  صحافي ظفر نقوي جو چوڻ آهي ته اصل ۾ شاهه محمود قريشي  ۽ اسد عمر جي گرفتاري کانپوءِ صدر علوي  تي پي ٽي آءِ جو دٻاءُ آيو، ان بعد صدر علوي کي هوش آيو آهي ته هو ڇاڪري ويٺو آهي. ڇاڪاڻ ته صدر علوي سپريم ڪمانڊر آهي ان ڪري معاملي جي باريڪ بينيءَ  سان جاچ ٿيندي.

صدر علوي کي ثابت ڪرڻو پوندو ته هو درست چئي رهيو آهي يا ايوان صدر جي عملي غلط ڪم ڪيو آهي، ڇو ته اهڙن معاملن ۾زباني حڪم ثبوت نه هوندا آهن.

جيڪڏهن صدر علوي لکت ۾ بلن تي اعتراض ڪيو آهي ته ان جي اهميت آهي جيڪڏهن بلن تي صدر لکت ۾ اعتراض  نه ڪيو آهي ته  ذميوار صدر علوي هوندو. دنيا ڇا سوچيندي ته هڪ ائٽمي ملڪ جو سربراهه به ايڏو بيوس ٿيندو آهي.

نوٽ: هي خبر روزاني عوامي آواز سومر 21 هين آگسٽ 2023ع تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.