اسلام آباد( مانيٽرينگ ڊيسڪ )آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ ۽ آرمي ايڪٽ ترميمي بلز بابت صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي بيان تي سياستدانن جو ردعمل سامهون آيو آهي. پ پ جي سينيئر اڳواڻ فرحت الله بابر بِلن جي منظوري بابت صدر جو موقف دليراڻو قرار ڏنو آهي .
فرحت الله بابر پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته 100 لفظن کان به گهٽ لکي صدر جوهري ڌماڪو ڪيو آهي، اُن جا اثر دير تائين محسوس ڪيا ويندا. جماعت اسلامي جي سينيٽر مشتاق احمد چيو آهي ته هي ته نئون پينڊورا باڪس کُلي ويو آهي، جيڪڏهن واقعي صورتحال ائين آهي، جيئن صدر لکيو ته اُها پاڪستان، پارليامينٽ ۽ 24 ڪروڙ عوام جي توهين آهي. معاملا ٻيهر عدالتن ۾ ويندا، ملڪ جي اعليٰ ترين منصب جي اِن حال مان ملڪي حالت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو، الله پاڪستان تي رحم ڪري.
ن ليگ جي سينيٽر عرفان صديقيءَ چيو ته صدر علوي کُلي ڳالهائي، جيڪڏهن بلن تي اختلاف هو ته هن اعتراض ڇو نه واريا؟ ها يا نه کانسواءِ بل واپس اُماڻڻ جو ڪهڙو مقصد هو؟ . هن چيو ته ميڊيا تي خبرون اچڻ باوجود هو ٻن ڏينهن تائين چپ ڇو ويٺو رهيو؟ صدر معاملو وڌيڪ منجهائي ڇڏيو آهي، جيڪڏهن اسٽاف جا ماڻهو به سندس وس ۾ ناهن ته استعيفيٰ ڏئي گهر هليو وڃي.
اڳوڻي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار چيو ته اِها ڳالهه قبول ڪرڻ جوڳي ناهي، اخلاقيات جي گهرج آهي ته صدر استعيفيٰ ڏي. پ پ اڳواڻ فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته جنهن صدر کي خبر ناهي ته ايوانِ صدر ۾ ڇا ٿي رهيو آهي اهو عهدي جي اهل ئي ناهي، صدر بيان ڏيڻ، معافي وٺڻ بدران ٻڌائي انهن آفيسرن خلاف ڪهڙي ڪارروائي ڪئي. پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيٽر رضا رباني چيو آهي ته صدر جي بيان سبب قانون کان وڌيڪ حقيقتن تي سوال اٿاريا ويا آهن، حقيقتون معلوم ڪرڻ لاءِ انڪوائري ڪميٽي جوڙي وڃي.
صدر عارف علوي جي ٽوئيٽ تي بيان ڏيندي سينيٽر رضا رباني چيو ته صدر ۽ سندس اسٽاف کي سينيٽ جي ڪميٽي آڏو پيش ٿيڻ گهرجي. رضا رباني اهو به چيو ته جيڪڏهن صدر حقيقتن کي غلط بيان ڪرڻ جو ڏوهه ثابت ٿيو ته سندس خلاف آئين ۽ قانون موجب ڪارروائي ڪئي وڃي.
سينيٽر رضا رباني اهو به چيو ته صدر جا الزام سنگين آهن ۽ ان جا نظام تي ڏاڍا اثر پوندا. اڳوڻي وفاقي وزير شيري رحمان صدر تي تنقيد ڪندي چيو ته ڇا هو اِهو چوڻ ٿو ڇاهي ته سندس جي مرضي کانسواءِ بلز تي ڪو ٻيو صحيحون ڪندو آهي؟ .
شيري رحمان چيو ته صدر جي وضاحت سندس صدارتي منصب سنڀالڻ جي اهليت تي سواليا نشان آهي، جيڪڏهن ائين ئي آهي ته صدر کي عهدي تان فوري طور تي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي، جيڪڏهن اوهان جو عملو اوهان جي چوڻ ۾ ناهي ته صدارتي منصب ڇڏي ڏيو.
هن چيو ته تحريڪ انصاف جي حڪومت ۾ هو ايوان صدر کي آرڊيننس فيڪٽري طور هلائي رهيا هئا، ڇا تڏهن به آرڊيننسن تي ڪوٻيو صحيحون ڪري واپس ڪندو هو؟ . متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) پاڪستان جي ڪنوينر خالد مقبول صديقي چيو آهي ته صدر عارف علوي جي دستخط جو معاملو اهم مسئلو آهي. ايم ڪيو ايم ان تي بحث ڪندي ۽ باضابطه طور تي آگاهه ڪندي. حيدرآباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي چيو ته جيڪڏهن هو جعلي دستخط جي ڳالهه ڪري رهيا آهن ته اها ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي.
پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيٽر علي ظفر چيو آهي ته صدر ڊاڪٽر عارف علوي چئي رهيو آهي ته هن صحيح ناهي ڪئي ته ان جو مطلب اهو آهي ته قانون ناهي ٺاهيو ويو. جيو نيوز سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ سينيٽر چيو ته هاڻي اهي بل پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ پيش ڪري پاس ٿيڻ گهرجن.