اسلام آباد( مانيٽرينگ ڊيسڪ ) ايمان مزاري جي گرفتاري جي طريقيڪار ۽ پاڪستان ۾ اظهار جي آزادي تي پابندين تي تبصرا ڪندي گرفتاري واري عمل جي سخت تنقيد ڪئي پئي وڃي. انساني حقن جي تنظيم هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان ايمان مزاري جي گرفتاري جي مذمت ڪئي آهي.
HRCP strongly condemns the arrest of lawyer @ImaanZHazir. The manner in which the @ICT_Police broke into her home, allegedly without a warrant, is unacceptable and points to a larger, more worrying pattern…
— Human Rights Commission of Pakistan (@HRCP87) August 20, 2023
سندس چوڻ هو ته اسلام آباد پوليس جو مبينا طور تي گهر ۾ بغير وارنٽ داخل ٿيڻ جو انداز ناقابل قبول آهي. ”اِهو اظهار جي آزادي جي خلاف رياست طرفان منظور ٿيل تشدد جي هڪ وڏي خطرناڪ منصوبي طرف اشارو ڪري ٿو.
سماجي ڪارڪن ماروي سرمد پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ايمان مزاري جي گرفتاري جي مذمت ڪندي لکيو ته اهو غير قانوني عمل آهي. بغير وارنٽ جي گهر ۾ داخل ٿيڻ، ٻن بي هٿيار عورتن کي هراسان ڪرڻ، قانون جي پاسداري ڪرڻ واري شهري کي اغوا ڪرڻ، قانون جي پاسداري ڪرڻ کان سواءِ. اهي ملڪ جي قانون جي اهڙي بي عزتي سان پاڪستان کي هلائڻ چاهين ٿا اهو ناقابل قبول آهي.
Strongly condemn this. It is unlawful on so many levels. Breaking/entering without warrants, harassing unarmed women, abducting a law-abiding citizen without legal procedure. They want to run Pakistan with such disregard for the law of the land. Unacceptable. #ReleaseImaanMazari https://t.co/BEuZh8ogl8
— Marvi Sirmed (@marvisirmed) August 20, 2023
محمد تقي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ گرفتاري جي سخت مذمت ڪندي چيو ته پيپلز پارٽي ۽ پي ڊي ايم حڪومت پاران منظور ڪيل نئين ترميمن سان رياستي طاقتورن کي حقن جي محافظن کي هراسان ڪرڻ جا بيحد اختيار ملي ويا آهن. مينا گبينا ٽوئيٽ ڪندي چيو ته جيترا وڌيڪ ماڻهو توهان اغوا ڪندا اوترو وڌيڪ ماڻهو رياستي اغوا جي خلاف احتجاج ڪرڻ لاءِ ٻاهر نڪرندا. جيتري وڌيڪ توهان دهشتگردي ڪندا اوترو وڌيڪ ماڻهو توهان کي دهشتگرد چوندا، اهو سمجهڻ ڪيترو ڏکيو آهي؟ .
عائشه رزاق ٽوئيٽ ڪندي چيو ته ايمان مزاري ۽ علي وزير جي گرفتاري انتهائي افسوسناڪ ۽ ڏکوئيندڙ آهي، ڇاڪاڻ ته وزيراعظم جي نئين انساني حقن واري صلاحڪار مشال ملڪ ڪشمير جي آزادي واري اڳواڻ ياسين ملڪ جي گهرواري آهي، جنهن کي ڀارتي فورسز اغوا ڪيو آهي.
آئما خان ٽوئيٽ ڪندي چيو ته هن نوجوان ڇوڪريءَ سان دنيا جي ايٽمي طاقت واري رياست جي انا کي ڏک پهتو آهي. پي ٽي آءِ مطالبو ڪيو ته اغوا ۽ ڇاپن جو سلسلو فوري طور بند ڪيو وڃي، وقت اچي ويو آهي ته سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽون مداخلت ڪري هن ملڪ ۾ جاري ظلم ۽ بربريت کي روڪين، قانون جي حڪمراني کانسواءِ ملڪ ڪڏهن به ترقي نٿو ڪري سگهي.
ڊجيٽل رائيٽس لاءِ سرگرم سماجي ڪارڪن ۽ انساني حقن جي وڪيل نگهت داد سوال ڪيو ته ايمان کي ڪهڙي بنياد تي گرفتار ڪيو ويو؟ هوءَ عدالت جي اندر ۽ ٻاهر بي آواز ماڻهن لاءِ آواز اٿاريندي رهي آهي، کين گهرن ۽ ڪمرن ۾ گهلڻ انتهائي مذمت جوڳو عمل آهي.
صحافي عاصمه شيرازي به ايمان مزاري جي گرفتاري جي مذمت ڪئي ۽ اميد ظاهر ڪئي ته نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ان جو نوٽيس وٺندو.