ڪراچي(رپورٽر)اطلاعات واري اڳوڻي وزير ۽ پيپلز پارٽي جي اڳواڻ شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته صدر عارف علوي ثابت ڪري ڇڏيو ته هو پاڪستان جو نه پر ٽائيگر فورس جو صدر آهي، هو آخري وقت ۾ آڱر وڍرائي شهيدن ۾ شامل ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.ڪراچي پريس ڪلب ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته عارف علوي کي اھڙو خيال ھاڻي ڇو آيو، سندس اهڙي عمل کي پاڪستان خلاف سازش سمجهان ٿو.هن چيو ته عارف علوي جو ڪردار ماضي ۾ به تڪراري رهيو آهي،ن چيو ته چونڊون وقت تي ٿينديون ته جيئن ملڪ ۾ جمهوريت کي صحيح دڳ ملي ۽ هر سياسي پارٽي کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو،جڙانوالاواقعي کي افسوسناڪ قرار ڏيندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته هي واقعو پاڪستان خلاف هڪ وڏي سازش آهي،پاڪستان پيپلز پارٽي سڄي ملڪ ۾ اليڪشن سوئيپ ڪندي نظر ايندي.