ملڪ ۽ عوام نازڪ موڙ تي

تحرير: محمد قاسم ميرجت

برصغير ۾ هڪ نئين ملڪ جو جنم ٿيو، ڏاڍي خوشي ٿي. ماڻهن هڪ ٻئي کي مبارڪون ڏنيون هر طرف شادمانا وڄي ويا. پر هڪڙي چوڻي آهي ته ”ٻلي ته گهڙي سون ڪاٺ جي هاڻي ميائون ڪير ڪندو؟؟!“ ملڪ کي هلائڻ لاءِ ناڻو گهرجي پر ناڻو به ته سڀ ڪجهه نه آهي ملڪ هلائڻ لاءِ ايماندار ملڪ ۽ عوام جا هڏڏوکي عقلمند ايماندار قابل ۽ حڪومت هلائڻ جو تجربو رکندڙ حڪمران حب الوطني ۽ قرباني جي جذبي سان سرشار تربيت يافته منظم فوج جيڪا ملڪ جي اندورني توڙي بيروني شورشن کي منهن ڏيئي سگهي. ٽيون ايماندار غير جانبدار باصلاحيت سرڪاري عملدار جيڪي عوام جي مسئلن کي سمجهي بروقت حل ڪري سگهن چوٿون بي باڪ جي خوف آئين ۽ قانون پٽاندڙ  فيصلا ڪندڙ عدالتي نظام پنجون عوام جا ڏک سور معلوم ڪري ارباب اختيار تائين پهچائيندڙ اطلاعاتي ادارا صحافي اخبارون، ريڊيو، ٽي وي، پر نئين ملڪ خداداد ۾ ڪو ادارو منظم متحد ۽ متحرڪ نه هو، اهي علما سڳورا جيڪي لڏي آيا اهي حڪمران به جيڪي لڏي آيا ۽ حڪمرانن کي امام ضامن ٻڌي ۽ خوشامند ۾ پورا هئا. اهي ان ڪري به ملڪ نازڪ موڙ  مان گذري رهيو هو.

جيتوڻيڪ ورهاڱي جي دستاويز ۾ وڏي پئماني تي آبادي جي لڏپلاڻ جو ذڪر نه آهي. پر غير متوقع طور تمام گهڻي لڏپلاڻ ٿي. ان لڏپلاڻ ٻه وڏا مسئلا اڀا ڪري ڇڏيا هڪ  هڪ ته هيترن سارن مهاجرن کي ڪيئن ۽ ڪٿي آباد ڪجي ٻيو هندو مسلم دشمني سبب امن امان جو مسئلو پئدا ٿي پيو خاص ڪري پنجاب جي واگها بارڊر تي جتي جيڪا ريل گاڏي هندستان کان مهاجر کڻي پئي آئي ته انهن کي سکن ڦري قتل ڪري لاشن جي گاڏي لاهور ٿي موڪلي جي جواب ۾ جيڪا سک شرنارٿين جي ريل لاهور کان دهلي پئي وئي ته ان ۾ سوار سمورن مردن عورتن ٻارن کي قتل ڪيو ٿي ويو ٻنهي ملڪ جي حڪمرانن ان قتل عام کي روڪڻ بجاءِ اهو راڳ آلائپندا رهيا ته معمولي سرحدي جهڙپون ٿي رهيون آهن. مجبور ٿي سرحدي محافظن بي بي سي بمبئي جي نمائندي مسٽر ڪارڪري منٿ ڪئي ته پاڻ اچي ۽ سرحدن تي قتل عام ڏسي ۽ دنيا جو ڌيان ڇڪائي. مسٽر ڪاري دنيا جي نشرياتي ادارن کي اصل صورتحال کان واقف ڪيو پوءِ فوجي پهري ۾ مهاجر ۽ شرنارٿي پرامن نموني بارڊر ڪراس ڪري سگهيا سنڌ ۾ ڪراچي کي مرڪز جي نالي ۾ سنڌ کان به ڪٽي مهاجرن جي حوالي ڪيو ويو. پوءِ ڪجهه هندو توڙي مسلمان سنڌين سان حشر ٿيو اهو تاريخ جو هڪ ڪارو باب آهي. سنڌ اندر ضلعي انتظاميا به آءِ سي ايس ڪامورن جي هٿ ۾ هئي. ان جو هڪڙو مثال ڊپٽي ڪمشنر نوابشاهه مسعود کدر پوش جيڪو غريب پروري ۾ سنڌ جي هارين تي بدحالي تي مرتب ڪيل ”هاري رپورٽ“ جي ڪري مشهور آهي. ان سانگهڙ نوابشاهه ۾ نه رڳو هندن جي ملڪيتن گهرن ڪاروبارن تي مک هندن وٽ مسلمان جي گڏيل کاتي وارين ملڪيتن کي زوري قبضا ڦرمار جي کلي اجازت ڏئي ڇڏي اتي به سندس دل کي سڪون نه آيو ته  نوابشاهه مان شرنارٿين سان ڀريل ريل گاڏي کوکرا پار وئي پئي  ته ان جي ڊرائيور کي حڪم ڪيائين ته گاڏي لنڊو ريلوي اسٽيشن تي جهنگ ۾ بيهاري ڇڏي جتي اڳئي هٿياربند موجود هئا جن واگها بارڊر جيان نه رڳو لٽ مار ڪئي عورتن کي اغوا ڪيو پر سموري گاڏي جي مرد توڙي عورتن ٻارن کي قتل ڪري اهڙو هراس پکيڙيو جو ڪنهن به هندو پاڻ کي محفوظ نه سمجهو، ان ڪري ان وقت به ملڪ انتهائي نازڪ موڙ تي هو.

انگريزن هندن کي ورهاڱي لاءِ راضي ڪرڻ لاءِ جيڪي سنگين مسئلا آڏو رکيا انهن ۾ ڪجهه هن طرح هئا.

  1. مسلمان اڪثريتي صوبن جي جاگيردارن، زميندارن، سردار، خانن، وڏيرن پيرن ملن خانڪاهن جي گادي نشين کي راضي رکڻ لاءِ کين اقتدار ۾ سندن حصي کان گهڻو وڌيڪ ڏيڻو پوندو..
  2. هندستان جي اڪثريت هندو آبادي وارن صوبن ۾ رهندڙ وڳوڙي مسلمان جن هندستان هر حملي آوار جي آجيان ڪئي ۽ مقامي آبادي خلاف هر سازش ۾ شريڪ رهيا. انگريزن کان پنهنجي حصي کان وڌيڪ رعايتون ورتيون ۽ هندستان کي غلام رکڻ ۾ سندن وڏو ڪردار آهي.

3.مسلمانن جي هندستان ۾ آبادي 15 سيڪڙو آهي پر Indian British Army ۾ 50 سيڪڙو مسلمان آهن انهن سمورن کي سندن عهدن سميت قبول ڪرڻو پوندو.اهي سڀ نعمتون نئين ملڪ جي نصيب ۾ آيون انهن کي منهن ڏيڻ وقت به ملڪ انتهائي نازڪ موڙ تي هو.

نئين ملڪ جا نوان حڪمران، جاگيردار، زميندار، خان، چوڌري، سردار، سرمائيدار، لکنوي، نواب ۽ سندن حمايتي، انڊين سول سروس جا کڙپيل ڪامورا شاهي ملڪ جا گادي نشين، پير، بازيگر، سياستدان، جنرل جج، جرنلسٽ جي نازڪ ڪلهن تي ملڪ ۽ عوام کي نازڪ موڙ مان ڪڍي ترقي جي شاهراهه تي آڻي ترقي وٺائڻ جو بار پيو.

ڄاڻايل حڪمران ٽولن ڏهن ٻارهن سالن جي حڪمراني ڇڪ ڇڪان ذاتي، گروهي خانداني مفادن جي خاطري لاءِ حڪومتون ۽ پنهنجي مستقل مفادن ۽ مستقل حڪمراني ۾ رهڻ خاطر پاڻ ۾ هڪ اڻ لکيل ڳجهو غير آئيني غير قانوني غير اخلاقي غير شرعي ملڪ کي اڳتي هلائڻ لاءِ هڪ ٺاهه ڪري ورتو جنهن ذريعي عوام کي مستقل سبز باغ ڏيکاري بيوقوف بڻائڻ، بک ڏک کي رب جي رضا سمجهڻ، حڪمران پاڻ ۾ گڏجي ملڪي وسيلن جي ڦرلٽ ڪرڻ جا گر ڳولهي لڌا. پر جي عوام عذاب سهي سهي بيزار ٿي پوي يا ڪو حڪمران پنهنجي حڪمراني کي گهڻي ڊيگهه ڏئي ته پوءِ حڪمران مجبور ٿي نوراڪشتي ڪرائيندا. هر پاسي عوام ۾ احساس محرومي، رشوت اقربا پروري حاڪم ملڪ لاءِ سيڪيورٽي رسڪ جا آواز اڀرڻ لڳندا، هڪڙا ٽولا هڙتالون، ڦيٿا روڪ گهيراءُ جلاءُ، ٻيا وري لانگ مارچ بک هڙتالون ته ڪي ڌرڻا هڻندا. ان نورا ڪشتي ۾ عوام گولين جو ڦاهين جو شڪار ٿئي ٿو.

ان اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ شروع ڪيل نورا ڪشتي ۾ مستقل حڪمران فيملي جا به ڪي اڳواڻ جيل ۾ ملڪ بدر رضاڪاراڻا جلاوطني، علاج بهاني باهه کان في الحال ڀڄيو وڃن. ڪي گولين بمن جو کاڄ ٿيو وڃن ڪي ٽنگجيو وڃن. پر مجال آهي جو ان فيملي جو ماڻهو رسي ڪاوڙجي حڪمران فيملي کان ڌار ٿي اچي عوام سان گڏجي بيهي ۽ پنهنجي حڪمران فيملي سان سچي چپي ويڙهه وڙهي. ها باقي عوام جي قربانين ۽ ڪاوڙ عيوض اقتدار ۾ پنهنجو حصو وٺي وري ٺهي ڀائر ٿيا هڪ اسٽيج تي بيٺا هوندا.

خدا وٽ انصاف آهي رب پاڪ جي نظر ۾ سڀ انسان برابر آهن هر فرد، گروهه توڙي قوم پنهنجي حالت کي سڌارڻ جو موقعو ڏيندو آهي. پر چوندا آهن ته /موقعا اڏامندڙ پکين مثال آهي جنهن ڪنهن جهپي ورتو ته واهه نه ته موقعو به پکي وانگر هٿ مان نڪري ويندو. پر خداوند ڪريم به ان قوم جي تقدير نٿو بدلائي جيڪا قوم پنهنجي تقدير بدلائي هٿ پير نٿي هلائي.

هينئر خدا اسانکي هڪ موقعو ڏنو آهي ته اسان ايندڙ چونڊن ۾ گڏجي پنهنجي ذاتي، گروهي، پارٽي نظرياتي عقيدي کان مٿانهان ٿي سموري غريب جي ڀلائي خاطر پنهنجي ووٽ جو صحيح صحيح استعمال ڪري ملڪ ۽ عوام کي نازڪ موڙ مان اڪاري پار ڪريون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.