معصومھ گھريلو ملازمھ رضوانه جي داد رسي ڪريون يا وري راڻي پور جي نياڻي فاطمه تي لڙڪ وھايون. اهڙن هزارين داستانن جون رڙيون وڏين حويلين جي پٿريلي ديوارن ۽ جديد اپر ڪلاس هائوسنگ سوسائٽين جي لوهي دروازن جي پويان عرصي کان دٻيل آھن ۽ اسان اهو سڀ ڪجهه ڏسندا آھيون ۽ ان کي معمول سمجھي قبول ڪندا رھندا آهيون. اها آڳاٽي دور جي رئيسي غلامي آهي يا سرمائيداراڻي دور جي وحشي جبري مشقت يا ائين چئجي غلامي واري نظام جي باقيات. ان سان گڏگڏ ھڪ مذھبي ،نسلياتي امتيازي ورھاست جي ھٿان اقليتن جو قتل عام آھي.جيڪو لڳاتار جاي آھي.
جڙانوالا ۾ مظلوم اقليتي عيسائي برادري، انهن جي گهرن، گرجا گهرن ۽زندگين سان جيڪو وڳوڙي ھنگامي انصاف ڪيو ويو، اھو هن سال جو پهريون واقعو ناهي، اھڙا 17 واقعا اڳ بھ ٿي چڪا آهن ۽ سالن کان جاري آهن. اهو پڻ عام آهي. ان تي اڪثريتي فرقن جي ندامت پڻ جواز گناهه سان ڀريل آهي.بيانيي ڪجهه هن طرح آهي تھ مسلمان قرآن پاڪ ۽ خاتم النبيين حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وآله وسلم جي نعوذ باالله ڪنهن طرح جي بي توقيري برداشت نه ٿا ڪري سگهن ۽ مبيانھ ملزمن کي جهنم موڪلڻ بنا، اسلامي قانون جي تقاضا کي پورا نٿا ڪري سگهن ،جيئن تھ توھين جي ڪنھن بھ ملزم کي اڃا تائين سزا نه ملي سگهي آھي ته اھي قانون کي هٿ ۾ کڻڻ تي مجبور آهن. ڪجھھ اهڙي ئي دعويٰ هندستان ۾ هندو انتهاپسند فرقن پرستن جو مسلمانن سميت ٻين مذهبي اقليتن خلاف آهي، جنهن اسان پنھنجي اندر ۾ جھاتي پائڻ بنا مذمت ڪريون ٿا. اولھه ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي کي تھ اسين اسلامو فوبيا سان تعبير ڪريون ٿا ۽ ان تي احتجاج ڪريون ٿا. پر جڙانوالا ۽ ان کان اڳ گوجره، شانتي نگر، يوحنا آباد ۽ نھ ڄاڻ ڪٿي ڪٿي سوين گرجا گهر ڊاٺا ويا ۽ هزارين بائيبل ساڙيا ويا،انھن جي پس منظر ۾ عذر اھو ئي هو. ته ڪو غير مسلم ڪھڙي طرح جي توهين جو مرتڪب ٿيو ھو. پر اڄ تائين ڪو ھڪ بھ توهين جو ڪيس ڇو ثابت نه ٿي سگهيو آهي ۽ ان جي پويان اصل محرڪ ڪهڙا هئا، ان تي غور ڪرڻ بجاءِ ان ڳالهه کي اڀاريو پيو وڃي ته پوءِ مسلمان قانون کي هٿ ۾ ڇو نھ وٺن. هي هڪ سڌو سادو فاشسٽ نسخو آهي، جنهن جي نظرياتي اشتعال انگيزي مسلمانن جي دلين ۽ دماغن ۾ ويھاري وئي آهي ۽ اقليتي سول تي برصغير جو ورھاڱو ٿي ويو ھو ۽ اها مذهبي ورهاست اڃا تائين جاري آهي.
دلچسپ ڳالهه اها آهي ته مذھبي توھين جي قانونن ۾ جنرل ضياءُ الحق جي آندل تبديلين کان اڳ ڏهاڪن ۾ توهين رسالت جو ڪو ڪيس سامھون ايندو هو. ھاڻي ھزارين آھن. ڄڻ ته اهو قانون توھين ۾ واڌ جو سبب بڻيو آهي يا وري ذاتي تڪرارن ۽ زر زمينن جي معاملن کي نبيرڻ لاءِ استعمال ٿيو آهي ۽ اڄ ڏينهن تائين ڪنهن به ڪوڙي الزام لڳائڻ واري کي نھ سزا ملي آھي ، نه ئي مذهبي فسادين کي ڪا سزا ڏني وئي آهي يا وري برقرار نھ رھي سگھيون. جيستائين سماج ۾ توھان فرقيواريت جو زهر گھوٽيندڙن ۽ فرقيواراڻي نطرين جي پرچارڪ ڪندڙن جو سخت احتساب نه ڪندا. جڙانوالا جھڙي انسانيت دشمن راند کيڏجندي رھندي. اڳوڻي چيف جسٽس آف پاڪستان جيلاني صاحب اقليتن جي مسئلن تي ھڪ تمام شاندار تاريخي فيصلو ڏنو ھو ۽ ان تحت هڪ ڪميشن به قائم ڪئي وئي پر اھا ڳالھھ ھڪ مذهبي رياست ۾نه هلي سگھي . خاص ڪري جڏهن مذهبي انتها پسندي ۽ دهشتگردي قومي سلامتي جي اهم ڪڙي بڻجي وڃي ته معاشرو فرقيواراڻو جهنم تھ بڻجي ئي وڃي ٿو.
چارٽر آف ڊيموڪريسي جي اثر هيٺ قائم ڪيل ٻن حڪومتن خلاف منظم مهم هلائڻ کانپوءِ جنھن ھائبرڊ نظام اول جو تجربو قومي هيرو عمران خان جي روپ ۾ ڪيو ويو.اھو هڪ صفحي جي برڪت جي باوجود، نه رڳو ناڪام ٿي ويو.بلڪھ ڳچي پئجي ويو،ان جي جاءِ تي شهباز شريف جي قيادت ۾ هائبرڊ نظام II جو تجربو مقتدره لاءِ وڏي نعمت ثابت ٿيو. سولين اسپيس وڌائڻ جي جيڪا دعويٰ PDM ڪئي ھئي، ان جي ابتڙ اتحادي حڪومت نه رڳو مقتدرھ جي سامھون هٿيار ڦٽا ڪيا بلڪھ سڄي وفاقي ۽ صوبائي نظام کي ڇانوڻي جي دسترس ۾ ڏئي ڇڏيو.شهباز شريف اکين جو تارو بڻجڻ جي لاءِ جيڪي پاپڙ ويليا ڪو ٻيو قومي اڳواڻ ان جو تصور بھ نھ ڪري سگھي ھا. پر جڏهن نگران وزيراعظم جو ڪڻو پردي پويان نازل ٿيو تھ تڏھن پتو پيو تھ سياست جي ميدان ۾ بار کڻڻ جي لائق ڪو ٻيو آهي. جيڪڏھن نگران وزيراعظم جي چونڊ جو معيار سامهون رکيو وڃي ته پوءِ خبر پوندي ته حسن نظر ڇا آھي. مسلم ليگ ن، پيپلزپارٽي، جمعيت علماءِ اسلام ۽ بي اين پي کي پنهنجي اوقات جو پتو پئجي ويندو .
پي ڊي ايم جون پارٽيون تحريڪ انصاف جي بغض ۾ ايتريون ته انڌيون ٿي ويون آهن جو اهي جمهوري بنياد تان بھ ھٿ کڻي ويون آهن. هاڻي افسوس مان ڪهڙو فائدو ،تير ڪمان مان نڪري ويو آھي.
حقيقي جمهوريت جي حصول ، آئيني حڪمران ۽ بروقت منصفاڻين چونڊن جي دعوائن کي خود انھن علمبردارن زمين ۾ دفن ڪري ڇڏيو آھي. ھنن کي صرف اھو گھرجي تھ عمران خان کي چونڊ ميدان مان ٻاھر ڪڍيو وڃي ۽ ھنن جي لاءِ ”ليول پلينگ“ فيلڊ يا بنا مقابلي ميچ جو بندوبست ڪيو وڃي. ان کي چئبو آھي، ٻلي کي خواب ۾ ڇيڇڙا.
جيڪي قوتون 9 مئي جي جوابدارن کي عبرتناڪ انجام تائين پهچائڻ لاءِ سندرو ٻڌي رھيون آهن، اهي اھو سھرو پي ڊي ايم۽ پيپلز پارٽيءَ جي سر ٿي ڇو ٻڌڻ ڏينديون.نواز شريف چوٿون ڀيرو وزيراعظم بڻجڻ کان رھيو ۽ زرداري صاحب پنهنجي فرزند ارجمند کي مسند تي ويھاريندي رھجي ويو، ھاڻي تھ اھو بھ معلوم نھ پيو ٿئي تھ چونڊون ڪڏهن ٿينديون، ٿينديون يا ٿينديون بھ يا نھ ٿينديون.ن ليگ جي جيڪا چونڊن ملتوي ڪرائڻ جي خواھش ھئي.اھا شھباز حڪومت جي تازي آدم شماري جي منظوري بعد اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پوري ڪري ڇڏي. اليڪشن ڪميشن جيڪو ڪم 8 هفتن ۾ ڪري سگهي ٿي، اهو ڪم 16 هفتن ۾ ڪرڻ وڃي رھي آهي،ڀلي 90 ڏينهن ۾ چونڊون ڪرائڻ جو آئيني گھرج وڃي کڏ ۾پئي.
جيستائين عمران مخالف پارٽيون پھرين عمران جي احتساب ۽ پوءِ چونڊ واري حسرت جو شڪار رهنديون، تيستائين انهن کي صاف ۽ شفاف چونڊن جي خواهش تان ھٿ ڌوئڻا پوندا.
ھتي جيڪو سڀ کان اھم سوال آھي سو ھي آھي تھ پاڪ فوج . پاڪستان جي اقتدار ۾ ڪيترو حصو چاھي ٿي؟ ڇا ايترو ڪافي نه آهي جيترو شهباز حڪومت انهن کي پليٽ ۾ وجهي پيش ڪيو آهي ۽ اهو به وفاق ۽ ان جي يونٽن جا هٿ پير ٻڌي ڪري .
جيڪڏهن اھو قومي سلامتي لاءِ معاشي تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ اهو ڪافي آهي، جيڪو تقريبن مملڪت خداداد جو اندازي موجب 70 سيڪڙو جي برابر آهي، ته پوءِ 30 سيڪڙو جي سويلين جي حصي تي کليل نموني کيڏڻ تي ڪھڙا تحفظات آھن ؟ جيڪڏھن ان تي پنھنجو ڪو ٻالڪو ويھارڻو آھي تھ توھان جي مرضي.
جمھوريت جو قتل تھ ڪيتري عرصي کان نام نهاد جمهوريت پسندن جي هٿان ٿي چڪو آھي. انھن حالتن ۾ اسين رضوانه ۽ فاطمه تي لڙڪ وھايون ۽ جڙانوالا ۾ مسيحي آبادي جي تباهي تي رت جا ڳوڙها وهايون .