گھر ۾ ڪمپيوٽر تي ڪم ڪرڻ، ٽي وي تي آن لائين فلمن يا ڊرامن کي ڏسڻ يا ڪجهه اسٽريمنگ ڪرڻ دوران جيڪڏهن انٽرنيٽ ڪم نٿو ڪري ته ڏاڍي پريشاني ٿيندي آهي.
هر ڪم لاءِ انٽرنيٽ جي مناسب رفتار ضروري آهي ۽ موجوده دور ۾ گهڻي قدر واءِ فاءِ نيٽ ورڪس تي ڀاڙيو ويندو آهي
پر گهڻو ڪري واءِ فاءِ انٽرنيٽ جي رفتار اهڙي هوندي آهي جو ٿڌي مزاج وارو شخص به خار وٺڻ لڳندي آهي.
انهي پريشاني کان بچڻ لاءِ، هڪ ڳجهي ٽِرڪ آهي جنهن ذريعي اوهان انٽرنيٽ جي رفتار کي بهتر ڪري سگهو ٿا.
رائوٽر جي پوزيشن بدلايو
ڪڏهن ڪڏهن رائوٽر جي پوزيشن/جاءِ بدلائڻ سان انٽرنيٽ جي رفتار ۾ نمايان بهتري ايندي آهي.
ان کانسواءِ رائوٽر سان لاڳاپيل مختلف ٽِرڪس آزمائي به اوهان واءِ فاءِ جي رفتار کي بهتر بڻائي سگهو ٿا.
درست رائوٽر جي چونڊ ڪريو
هر رائوٽر هڪجهڙو ناهي ۽ وائرليس رفتار گهڻو ڪري گھر جي سائيز ۽ ڊيزائن تي دارومدار رکي ٿي، جيڪڏهن اوهان جو گھر 1500 اسڪوائر فٽ کان گهٽ آهي ته هڪ رائوٽر ڪافي هوندو آهي.
پر جيڪڏهن اوهان جو رائوٽر پراڻو آهي ته ان کي فاءَ فاءِ 6 سپورٽ ڪندڙ ماڊل ۾ اپ گريڊ ڪريو، جنهن سان وڌيڪ تيز وائرليس اسپيڊ ۽ بهتر ڪوريج حاصل ٿيندي.
وڏن گهرن يا گهڻ ماڙ عمارتن واري گھريلو ماحول لاءِ mesh نيٽ ورڪ استعمال ڪرڻ تي غور ڪريو جنهن سان سڄي گھر ۾ انٽرنيٽ جي ڪوريج بهتر ٿي سگھي ٿي.
رائوٽر لاءِ صحيح جاءِ جي چونڊ ڪريو
رائوٽر کي گھر جي وچ ۾ رکڻ سڀ کان بهتر آهي ڇو ته هر طرف سگنل ويندا آهن ۽ جيڪڏهن توهان رائوٽر ڪنهن ڪنڊ ۾ رکڻ چاهيو ٿا ته هڪ پاسي وائرليس ڪوريج گهٽ ٿي سگهي ٿي.
رائوٽر کي مٿانهين واري جاءِ تي رکيو
رائوٽر جي سگنلز کي مضبوط بڻائڻ لاءِ ان کي ڪنهن مٿانهين هنڌ رکڻ بهتر آهي جيئن الماڙي يا ڀت جو مٿانهون حصو.
ڊيوائسز کان پري رکو
رائوٽر کي ٻين اليڪٽرڪ ڊوائيسز وڏي ڌاتي شين کان پري رکڻ ضروري آهي جيئن سگنلز متاثر نه ٿين، مائڪرو ويو اوون جهڙيون ڊوائيسز جن ۾ هڪجهڙي فري ڪوئنسي ٿي سگهي ٿي رائوٽر ۽ ڊوائيسز جي وچ ۾ مداخلت پيدا ڪري سگهن ٿيون.
رائوٽر کي وڏين ٽي ويز جي پويان رکڻ کان به پاسو ڪريو ڇو ته اهي پڻ سگنلز کي بلاڪ يا متاثر ڪري سگهن ٿيون.
واءِ فاءِ انٽينا جي رخ تي ڌيان ڏيو
ڪجهه رائوٽرز ۾ انٽينا نه هوندا جڏهن ته ڪجهه ۾ اٺ انٽينا موجود هوندا آهن جيڪي سگنل جي رخ ۾ مدد ڏيندا آهن.
جيڪڏهن اوهان جي رائوٽر ۾ 2 يا وڌيڪ انٽينا موجود آهن ته انهن جو رخ هڪ ئي پاسي رکڻ گهرجي ته جيئن انٽينا سگنلز وڌيڪ وڏي اينگل تي اُماڻي سگهي.