ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ماڊل، اداڪارا ۽ ميزبان آمنه شيخ پنهنجي ذاتي زندگي ۽ شادي جي تجربي بابت چيو آهي ته سندس ٻي شادي والدين جي رضامندي سان ٿي ۽ ڇوڪرين کي اڪيلي سر شادي جو فيصلو نه ڪرڻ گهرجي.
آمنه شيخ هڪ انٽرويو ۾ پنهنجي ذاتي زندگي ۽ ڪيريئر بابت تفصيل سان ڳالهه ٻولهه ڪئي.
اداڪارا ٻڌايو ته ڌيءَ جي ڄمڻ کان ستت پوءِ هن اداڪاري تان وقفو وٺڻ جو فيصلو ڪيو، ڇو جو هوءَ لڳاتار پندرنهن ورهين کان ڪم ڪري رهي هئي ۽ ان وقت زندگيءَ جون حالتون به ڪجهه اهڙيون هيون جو کيس اندروني طور ٿڪ محسوس ٿي رهيو هو.
آمنه شيخ موجب، اداڪاري مان وقفو وٺڻ کان اڳ هوءَ زندگي جي انتهائي ڏکئي مرحلي مان گذري رهي هئي، هوءِ پهرين مڙس کان ڌار ٿي چڪي هئي ۽ ڌيءَ تمام ننڍي هئي جنهن کي سندس ضرورت هئي، تنهنڪري هن ڪم ڇڏڻ ۽ ڌيءَ جي سار سنڀال تي ڌيان ڏيڻ جو فيصلو ڪيو.
هن چيو ته کيس محسوس ٿئي ٿو ته هوءَ هڪ ڏکئي دور مان گذري الله تعاليٰ جي مدد سان خوشگوار حالتن ۾ داخل ٿي آهي.
آمنه شيخ جو چوڻ هو ته اداڪاري مان وقفو وٺڻ کانپوءِ هن فيملي جي صلاح سان ٻيهر زندگي شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ دبئي شفٽ ٿي وئي، جنهن سندس زندگي تي هاڪاري اثر وڌو.
هن پنهنجي پهرين شادي بابت چيو ته اها مڪمل طور پنهنجي مرضي سان ڪئي هئي ۽ والدين جي راءِ شامل نه هئي، جڏهن ته ٻي شادي والدين جي رضامندي سان ٿي ۽ اهو سندس لاءِ هڪ سٺو تجربو رهيو.
سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن هوءَ پهرين شادي وقت والدين کي فيصلو ڪرڻ جو موقعو ڏئي ها ته شايد هو به ساڳئي قسم جو ماڻهو چونڊين ها.
اداڪارا چيو ته ڇوڪريون جڏهن به ڪنهن لاءِ دل ۾ جذبا محسوس ڪن ته ترت فيصلو نه ڪن، پر سامهون واري جي شخصيت جو جائزو وٺن ۽ والدين جي راءِ به ضرور وٺن.
ياد رهي ته آمنه شيخ جي پهرين شادي اداڪار محب مرزا سان 2005ع ۾ ٿي هئي ۽ 2015ع ۾ ڌيءَ ڄائي هئي، ڪجهه سالن کان پوءِ ٻنهي ۾ اختلاف پيدا ٿيا ۽ 2019ع جي شروعات ۾ طلاق جون خبرون سامهون آيون.
محب مرزا ساڳئي سال جي آخر ۾ ڌار ٿيڻ جي تصديق ڪئي، جڏهن ته آمنه شيخ آگسٽ 2020ع ۾ عمر فاروقي سان ٻي شادي ڪئي ۽ سيپٽمبر 2021ع ۾ ٻئي ٻار کي جنم ڏنو.
ٻئي پاسي محب مرزا به 2023ع ۾ اداڪارا ۽ ماڊل صنم سعيد سان ٻي شادي ڪئي، جنهن جي پهرين شادي به طلاق تي ختم ٿي هئي.
You might also like