بل گيٽس ” ڪيون ڪي ساس ڀي ڪڀي بهو ٿي“ ۾ نظر ايندو

ممبئي(ويب ڊيسڪ) جڳ مشهور ارب پتي ۽ سماجي خدمتگار بل گيٽس ڀارتي ٽي وي جي سڀ کان مقبول ڊرامي ”ڪيون ڪي ساس ڀي ڪڀي بهو ٿي ٽو“ ۾ ڪم ڪري مداحن کي دنگ ڪري ڇڏيو.
هفتو اڳ جاري ٿيل پرومو ۾ بل گيٽس وڊيو ڪال ذريعي ڊرامي جي مرڪزي ڪردار تُلسي ويراني (جنهن جو ڪردار سمرتي ايراني ادا ڪري رهي آهي) سان ڳالهائيندي نظر اچي ٿو.
وڊيو جي شروع ۾ بل گيٽس خوشگوار انداز ۾ ”هيلو“ چوندو آهي، جنهن تي تلسي پنهنجي مخصوص نرمي ۽ مرڪ سان جواب ڏئي ٿي.
ڳالهه ٻولهه وران تلسي چوي ٿي ته هن ڏاڍو لڳو اهو ڄاڻي ته هو سڌو آمريڪا مان سندن ڪٽنب سان جڙي رهيو آهي ۽ هڙئي بي صبريءَ سان بل گيٽس جو انتظار ڪري رهيا آهن.
ان تي بل گيٽس مرڪندي سادي انداز ۾ جواب ڏئي ٿو ته ” مهرباني تلسي جي “
اهڙي طرح ونڊوز جو خالق بل گيٽس ڀارت جي سڀ کان مشهور ڊرامن مان هڪ جو حصو بڻجي ويو آهي.
پرومو جي ڪيپشن مان واضح ٿئي ٿو ته بل گيٽس رڳو مهمان اداڪار نه پر هڪ بامقصد ساٿي طور شامل آهي، جنهن جو مقصد صحت، همدردي ۽ هاڪاري تبديليءَ جو پيغام اجاگر ڪرڻ آهي.
ڪيپشن موجب، هن ڀيري ” ڪيون ڪي ساس ڀي ڪڀي بهو ٿي“جي ڪهاڻي جي وچ ۾ صحت، همدردي ۽ تبديليءَ جو نئون رشتو جُڙي رهيو آهي، جنهن ۾ دنيا جو سڀ کان وڏو ” چئنج ميڪر“ بل گيٽس شامل آهي، انهيءَ سوچ سان ته هر ماءُ ۽ هر ٻار محفوظ ۽ صحتمند رهي.
اِها ڀائيواري گيٽس فائونڊيشن جي ڊگهي مدي وارن منصوبن سان ٺهڪندڙ آهي، سندس شرڪت خاص طور ڏکڻ ايشيا ۾ ماءُ ۽ ٻار جي صحت کي هٿي ڏيڻ وارن قدمن بابت اهم وک ثابت ٿي سگهي ٿي.
اڃا تائين اهو واضح ناهي ته بل گيٽس رڳو هن پرومو ۾ نظر ايندو يا ڊرامي ۾ سندس ڪردار اڳتي وڌندو، پر هڪ ڳالهه پڪ سان چئي سگهجي ٿي ته ” ڪيون ڪي ساس ڀي ڪڀي بهو ٿي “اهو ڪم ڪري ڏيکاريو آهي جيڪو ڪا به ٽيڪنالاجي ڪانفرنس نه ڪري سگهي يعني بل گيٽس کي پهريون ڀيرو دنيا هندي ٻوليءَ ۾ ڳالهائيندي ڏٺو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.