واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ چين هم منصب شي جن پنگ جي وچ ۾ ملاقات 30 آڪٽوبر تي ڏکڻ ڪوريا ۾ ٿيندي.
وائيٽ هائوس موجب، ٻنهي صدرن جي وچ ۾ اِها ملاقات ايشيا سمٽ دوران سائيڊ لائين تي طئي ٿي آهي.
آمريڪي ۽ چيني صدورن جي وچ ۾ ملاقات لاءِ ڪيترن ئي هفتن کان تياريون جاري هيون، پر اقتصادي لحاظ سان دنيا جي ٻن وڏن ملڪن جي وچ ۾ وڌندڙ تڪرار سبب امڪاني ملاقات تي ڪيترائي سوال اُڀري رهيا هئا.
آمريڪي صدر ٽرمپ جي ٻيهر اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ اهو پهريون موقعو هوندو، جڏهن هو چين جي صدر شي سان باضابطا ملاقات ڪندو.
پريس بريفنگ دوران وائيٽ هائوس جي پريس سيڪريٽري ايندڙ هفتي رٿيل ملاقات جي تصديق ڪئي.
ان کان اڳ صدر ٽرمپ چيو هو ته هو صدر شي سان ملاقات ڪرڻ وارو آهي.
هن چيو هو ته ته ” اسان جي ڊگهي ملاقات طئي آهي، اسان ٻنهي ملڪن ۾ موجود ڪيترن ئي شڪن ۽ شبهن تي ڪم ڪرڻو آهي، ڪيترائي سوال آهن ۽ اسان جا شاندار گڏيل مفاد آهن.“
آمريڪي صدر جو چوڻ هو ته ”منهنجو خيال آهي ته ڪجهه نه ڪجهه ضرور ٿيندو، اسان جا تمام سٺا لاڳاپا آهن.“
واضح رهي ته صدر ٽرمپ چين کي ڌمڪي ڏني هئي ته جيڪڏهن چين ناياب معدنيات جي برآمد تي مڙهيل پابندي نه هٽائي ته آمريڪا نومبر کان چيني شين تي سئو سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪري ڇڏيندو.
You might also like