پِچ تي نيريون ۽ ڦِڪيون لڪيرون، ڪرڪيٽ ۾ نئون قانون متعارف

آسٽريليا ۽ ڀارت جي وچ ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ پرٿ جي اوپٽس اسٽيڊيم ۾ کيڏيل پهرين ون ڊي دوران پچ تي وڪيٽ جي ٻنهي پاسن وائيڊ لائينز ۽ اسٽمپس جي وچ ۾ نيرو رنگ نمايان نظر آيو، جيڪو ڪرڪيٽ شوقينن لاءِ هڪ نئون تجربو هو.
ڀارت ۽ آسٽريليا وچ ٽن ون ڊي ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ دوران شوقينن محسوس ڪيو ته ليگ سائيڊ ڏانهن ويندڙ وائيڊ بالن بابت ڪجهه نئين صورتحال نظر اچي رهي آهي.
اهڙي طرح ميرپور ۾ بنگلاديش ۽ ويسٽ انڊيز جي وچ ۾ پهرين ون ڊي ميچ ۾ به پِچ تي وائيڊ لائينز سان گڏ ڦڪي رنگ واري نئين لڪير ڏٺي وئي، اهڙي قسم جون لڪيرون انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ۾ پهريون ڀيرو نظر آيون جن ڏسندڙن کي دنگ ڪري ڇڏيو آهي.
حقيقت ۾ آءِ سي سي عالمي ڪرڪيٽ ۾ وائيٽ بال بابت قانون ۾ جلد تبديلي آڻي رهي آهي ۽ ان سلسلي ۾ ليگ اسٽمپ جي ويجهو وائيڊ بال جي نئين قانون جو تجربو شروع ڪيو آهي.
اِهو قانون في الحال ڇهن مهينن جي ٽرائل مرحلي ۾ آهي ۽ جيڪڏهن تجربو ڪامياب رهيو ته اِهو وائيٽ بال ڪرڪيٽ ۾ باضابطا طور سمورين ميچن ۾ لاڳو ڪيو ويندو.

پراڻو قانون ڇا هو؟
وائيڊ بال بابت نئين قانون کي سمجهڻ لاءِ پهرين اِهو ڄاڻڻ ضروري آهي ته پراڻو قانون ڪيئن هو.
پهريان ڪو به بال جيڪو ليگ اسٽمپ جي ٻاهر ويندو هو، ان کي وائيڊ قرار ڏنو ويندو هو.
ان قانون سبب بيٽرز کي فائدو ٿيندو هو، ڇو ته بيٽر ڄاڻي واڻي وڪيٽ سان ملي بيهي بالر کي اتي بالنگ ڪرڻ تي مجبور ڪري سگهندو هو.
بالرن کي پنهنجي لائين اسٽمپس جي ويجهو يا آف سائيڊ تي رکڻي پوندي هئي ته جيئن بال کي وائيڊ قرار نه ڏنو وڃي.

نئون قانون
نئون قانون قانون ويجهڙائي ۾ ئي آءِ سي سي طرفان متعارف ڪرايو ويو آهي ۽ في الحال اِهو ٽرائل مرحلي مان گذري رهيو آهي.
نئين قانون تحت ليگ اسٽمپ جي ويجهو ٻه نيون لڪيرون (نشان) ڪريز تي شامل ڪيا ويا آهن، جيڪي کاٻڙيل ۽ ساڄڙيل بيٽرز ٻنهي لاءِ آهن.
اِهي لڪيرون ليگ اسٽمپ جي بنهه ويجهو ڪڍيون ويون آهن ته جيئن وائيڊ بال بابت قانون کي وڌيڪ اثرائتو بڻائي سگهجي.
ڪو به بال جيڪو ليگ سائيڊ تي نئين لڪير جي اندر هوندو، ان کي وائيڊ قرار نه ڏنو ويندو، پر جيڪڏهن بالر اهڙو بال ڪرائي جيڪو ليگ سائيڊ جي نئين لڪير کان ٻاهر نڪري وڃي ته اِهو وائيڊ بال هوندو.
نئين قانون سان بالرن کي فائدو ٿيندو ته هو ليگ سائيڊ تي ٿورو وڌيڪ بالنگ ڪندي به واڌو رنسون ڏيڻ کان بچي سگهندا.

اط

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.