علي ترين جي پي سي بي تي ڇتي تنقيد، قانوني نوٽيس ڦاڙي ڇڏيائين

پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي فرنچائز ملتان سلطانز ۽ پاڪستان ڪرڪٽ بورڊ (پي سي بي) جي وچ ۾ اختلاف شدت اختيار ڪري ويا آهن.
خميس جي شام ملتان سلطانز جي مالڪ علي ترين هڪ وڊيو بيان ۾ پي ايس ايل انتظاميا تي ڇتي تنقيد ڪندي بورڊ طرفان موڪليل شوڪاز نوٽيس ڦاڙي ڇڏيو.
وڊيو ۾ طنزيه انداز ۾ پي سي بي تي تنقيد ڪندي علي ترين چيو ته ”توهان اسٽيڪ هولڊرز سان گڏجي ڪم ڪرڻ ئي نٿا چاهيو، توهان رڳو اهو چاهيو ٿا ته اسين چپ ڪري ويهي رهون ۽ توهان جي هر ڳالهه ۾ ها ۾ ها ملايون.“
علي ترين پنهنجي وڊيو بيان ۾ چيو ته کيس ڪڏهن به ويهي معاملا حل ڪرڻ لاءِ پي ايس ايل انتظاميا طرفان نه ڪا فون ڪال آئي ۽ نه ئي ڪو اي ميل يا پيغام مليو، پر ان جي بدران هنن قانوني نوٽيس موڪلي ڇڏيو.
هن چيو ته ”جيڪڏهن توهان کي لڳي ٿو ته اهڙين ڌمڪين سان مان چپ ٿي ويندس ته اها توهان جي ڀُل آهي. مان هن ليگ سان محبت ٿو ڪيان ٿو.“
وڊيو آخر ۾ علي ترين ٺٺول واري انداز ۾ معافي گهرندي چيو ته ” مان معافي ٿو وٺان ۽ اهو چاهيان ٿو ته پي ايس ايل مئنيجمينٽ ۾ قابل ۽ پڙهيل ماڻهو اچن، جيڪو ناممڪن آهي، مان معافي ٿو وٺان ته مون شاندار افتتاحي تقريب تي تنقيد ڪئي، مان معافي ٿو گهران ته مون ڊرافٽ دوران ٿيل بدانتظامي تي تنقيد ڪئي.“
پي سي بي اڃا تائين علي ترين جي سخت تنقيد تي ڪو به جواب ناهي ڏنو.
ياد رهي ته ڊسمبر 2025 ۾ پي ايس ايل ٽيمن جي فرنچائز اونرشپ رائيٽس جو 10 سالن وارو مدو پوري ٿي رهيو آهي.
موجودا فرنچائز مالڪ پنهنجين ٽيمز لاءِ ٻيهر ٻوليون ڏئي سگهن ٿا، پر ملتان سلطانز موجب قانوني نوٽيس ۾ علي ترين کي بليڪ لسٽ ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني وئي آهي، جنهن جو مطلب اهو آهي ته جيڪڏهن علي ترين بليڪ لسٽ ٿي ويو ته هو ٻيهر پي ايس ايل فرنچائز جو مالڪ نه بڻجي سگهندو.

پي سي بي جو موقف
پي سي بي موجب، علي ترين فرنچائز مالڪن سان ٿيندڙ اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ بدران سوشل ميڊيا ذريعي ليگ جي ساک کي نقصان پهچائي رهيو آهي.
هي معاملو تڏهن شروع ٿيو جڏهن پي سي بي تصديق ڪئي ته هنن ملتان سلطانز کي قانوني نوٽيس موڪليو آهي ۽ جيڪڏهن فرنچائز سهڪار نه ڪيو ته ليگ جو معاهدو رد ڪيو ويندو.
شوڪاز نوٽيس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته علي ترين جا بيان پي ايس ايل جي ساک کي نقصان پهچائي رهيا هئا ۽ اهو فرنچائز ۽ ليگ جي وچ واري معاهدي جي به ڀڃڪڙي آهي.
ان ۾ اهو به چيو ويو ته پي سي بي ليگ جي ساک ۽ پروفيشنل معيار کي برقرار رکڻ لاءِ پرعزم آهي.

ملتان سلطانز جو بيان
ملتان سلطانز پنهنجي بيان ۾ چيو ته ”پي سي بي گذريل مهيني اسان کي قانوني نوٽيس موڪليو، جنهن ۾ چيو ويو ته اسان جو مالڪ علي ترين پنهنجي بيانن تان هٿ کڻي ۽ پي ايس ايل انتظاميا کان عوامي معافي نامو جاري ڪري.“
ملتان سلطانز موجب” نوٽيس ۾ اسان جي فرنچائز جو معاهدو ختم ڪرڻ ۽ علي ترين کي مستقبل ۾ ڪنهن به ڪرڪٽ ٽيم جي مالڪيءَ تان تاحيات بليڪ لسٽ ڪرڻ جي ڌمڪي به ڏني وئي هئي.“
بيان ۾ چيو ويو ته ” علي ترين ملتان سلطانز جي ذميواري سنڀالڻ کانپوءِ اربين رپين جي سيڙپڪاري ڪئي ۽ ذاتي طور تي ست ارب کان وڌيڪ جو نقصان ڀوڳيو، جڏهن ته اڪيڊميون قائم ڪري سڄي ملڪ ۾ نوجوان ڪرڪيٽرن لاءِ موقعا پيدا ڪيا.
ملتان سلطانز موجب، علي ترين جا بيان پي ايس ايل جي بهتر مفاد ۾ هئا، جن جو مقصد ليگ کي وڌيڪ اعليٰ ۽ ڪارڪردگيءَ ۾ بهتر بڻائڻ هو.
اِهو پهريون ڀيرو ناهي جڏهن پي سي بي ۽ علي ترين آمهون سامهون آيا آهن، علي ترين ان کان اڳ به پي سي بي جي طريقيڪار ۽ ڪارڪردگي تي سوال اُٿاري چڪو آهي.
ان کان اڳ به اپريل 2025 ۾، پي ايس ايل سيزن 10 کان اڳ علي ترين انتظاميا تي تنقيد ڪئي هئي ۽ ريونيو شيئرنگ وارو معاملو به اٿاريو هو.
اپريل ۾ ئي علي ترين هڪ پوڊ ڪاسٽ جو ڪلپ شيئر ڪيو جنهن ۾ پي سي بي جي تيارين تي سوال اٿاريو ۽ لکيو ته ” پي ايس ايل 10 ڪيئن وڏو ۽ بهتر آهي؟“
ڪجهه ڏينهن کانپوءِ ٻين فرنچائز مالڪن جي ردعمل تي علي ترين چيو ته” مان پي ايس ايل سان محبت ٿو ڪيان. هي ’ميڊ ان پاڪستان‘ ڪاميابيءَ جي ڪهاڻي آهي جنهن مان اسان سڀ لاڀ حاصل ڪريون ٿا.“
پر ان سموري صورتحال باوجود ڇڪتاڻ برقرار آهي.
جولاءِ 2025 ۾ علي ترين پي ايس ايل 10 جي ”ڪاميابي“ واري جشن بابت جاري ڪيل وڊيو تي ٻيهر تنقيد ڪئي.
هن لکيو ته ” تاڙيون؟ توهان مذاق ڪري رهيا آهيو؟ ٽي وي ريٽنگ ۾ گهٽتائي، تماشائين جي انگ ۾ لاٿ، ويُوز جو گهٽجڻ… پوءِ به جشن ملهائي رهيا آهيو؟ پي سي بي، ننڊ مان جاڳو!“
علي ترين چيو ته اسان کي چيو ويندو هو ته ڪجهه سالن ۾ پي ايس ايل منافعي بخش بڻجي ويندي، پر ڏهه سال گذري ويا آهن نه فرنچائز مالڪن کي ڊگهي عرصي لاءِ ڪنٽرول ڏنو ويو آهي ۽ نه ئي ليگ کي منافعي بخش بڻائڻ لاءِ جوڳا قدم کنيا ويا آهن.
هن بيان کان پوءِ پي سي بي جو ردعمل به آيو، جنهن ۾ چيو ويو ته ليگ تي تنقيد اهو شخص ڪري رهيو آهي جيڪو اجلاسن ۾ اچي ئي نٿو ۽ جيڪڏهن اچي به ٿو ته ڪجهه ڳالهائيندو ئي ناهي.

عوامي ردعمل
علي ترين جي طنزيه معافي ۽ قانوني نوٽيس ڦاڙڻ واري وڊيو تي سوشل ميڊيا تي پڻ ردعمل آيو آهي.
پاڪستان ڪرڪٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان راشد لطيف لکيو ته ” پي ايس ايل انتظاميا کي سيڙپڪارن کي نوٽيس موڪلڻ بدران تنقيد کي هاڪاري انداز ۾ وٺڻ گهرجي، ليگ ۾ موجود خاميون ختم ڪرڻ گهرجن، پي سي بي کي پي ايس ايل لاءِ پروفيشنلز جون خدمتون حاصل ڪرڻ گهرجن. “
امتياز نالي واهپيدار لکيو ته” پاڪستان ڪرڪٽ جو هر مداح علي ترين سان متفق آهي. جيڪڏهن پي سي بي مئنيجمينٽ کي مسئلو نظر نٿو اچي ته ان جو مطلب آهي ته هو پاڻ مسئلو آهن.“
ايمِي نالي صارف لکيو ته ” علي ترين جي ڳالهيون درست آهن پر انداز غلط آهي. هنن چيو ته ايڪس تي اهڙيون ڳالهيون ڪرڻ بدران کيس ڪنهن پوڊ ڪاسٽ تي وڃي تفصيل سان ڳالهائڻ گهرجي ها. “
پي ايس ايل ميم نالي واهپيدار چيو ته ” علي ترين جو هڪ سوال هو ته ڇا پي ايس ايل ڏهن ايڊيشنن کانپوءِ اتي پهتو جتي پهچڻ گهرجي ها؟ منهنجو جواب آهي نه!“
واهپيدار موجب، پي ايس ايل گذريل ڪجهه سيزنن دوران جيڪو ڏيکاريو، ان کان گهڻو بهتر بڻائي سگهجي پيو ۽ اهڙي قسم جي هاڪاري تنقيد جي آجيان ٿيڻ گهرجي.
هن وڌيڪ چيو ته ”جتي علي ترين ٻين فرنچائزز سان وڌيڪ هم آهنگيءَ سان ڪم ڪري سگهجي ٿو، اتي بورڊ کي به وڌيڪ پختگي ڏيکارڻ گهرجي ها ۽ اهڙن معاملن کي بند دروازن پٺيان حل ڪرڻ گهرجي ها.“
هن چيو ته ” اسان هن وقت ڪنهن به ڪرڪٽ تڪرار کي برداشٽ ڪرڻ جي پوزيشن ۾ نه آهيون، معاملن کي ترت حل ڪرڻ جي ضرورت آهي.“

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.