ٽانڪ ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي، ڀارتي اسپانسرڊ 8 دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخوا جي ضلعي ٽانڪ ۾ سيڪيورٽي فورسز فتنه الخوارج خلاف ڪارروائي ڪندي 8 ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪري ڇڏيو.
پاڪ فوج ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب، سيڪيورٽي فورسز ٽانڪ ۾ ڀارتي اسپانسرڊ خارجين جي موجودگي جي اطلاع تي آپريشن ڪيو.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته آپريشن دوران سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي ٿاڪن کي اثرائتي نموني نشانو بڻايو، سخت فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 8 دهشتگرد مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر موجب، مارجي ويل خارجين جي قبضي مان هٿيار ۽ گولا بارود به هٿ ڪيو ويو، دهشتگرد سيڪيورٽي فورسز، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ شهرين خلاف دهشتگرد ڪاررواين ۾ ملوث هئا.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا دهشتگردي خلاف مهم جاري رکندا ۽ ملڪ مان پرڏيهي سرپرستي هيٺ ٿيندڙ دهشتگردي واري فتني کي پاڙئون پٽي ڦٽو ڪيو ويندو.
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ٽانڪ ۾ فتنه الخوارج خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي ڀيٽا پيش ڪئي.
محسن نقوي 8 خارجين کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي پشيوراڻين صلاحيتن کي ساراهيو.
هن چيو ته سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن ۽ جوانن جي بهادري ۽ پروفيشنل ازم تي قوم کي ناز آهي.
گهرو وزير وڌيڪ چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ سيڪيورٽي فورسز نمايان ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن ۽ خيبرپختونخوا مان فتنه الخوارج جي خاتمي لاءِ فورسز پُرعزم آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.