آئس ڪريم ڪيڪ ٺاهڻ جي ترڪيب

آئس ڪريم ڪيڪ ٺاهڻ لاءِ گهربل شيون

مکڻ (نرم) 200 گرام

آئسنگ شوگر 1 ڪپ

آنا 5

ميدو ڏيڍ ڪپ

بيڪنگ پائوڊر هڪ چانهه جو چمچو

ونيلا ايسنس هڪ چانهه جو چمچو

اسيمبلنگ جون شيون

ونيلا آئس ڪريم ضرورت موجب

چاڪليٽ (ڪٽيل) ضرورت موجب

چاڪليٽ آئس ڪريم ضرورت موجب

بنٽي ضرورت موجب

چاڪليٽ (ڳريل) ضرورت موجب

ڪوڪيز (ڪٽيل)

هدايتون

جيڪڏهن اوهان مزيدار ۽ سوليون ريسپيز ڳولي رهيا آهيو ته هتي اسان اوهان کي سوليون رسپيز ٻڌايون ٿا.

آئس ڪريم ڪيڪ ٺاهڻ لاءِ هڪ پيالي ۾ نرم ڪيل مکڻ وجهي ان کي هڪ منٽ لاءِ رلايو ڪري ان ۾ آئسنگ شوگر وجهي هڪ کان ٻن منٽن تائين رلايو. هاڻي ان ۾ آهستي آهستي سڀ آنا وجهي ٻن کان ٽن منٽن تائين ڦيٽيو.

هاڻي ان ۾ ميدو، بيڪنگ پائوڊر ۽ ونيلا ايسنس وجهي ٻن کان ٽن منٽن تائين رلايو ۽ پوءِ ان کي ڪيڪ جي سانچي ۾ وجهي ڇڏيو.

پوءِ پهريان کان گرم پين ۾ هڪ سئو سٺ ڊگري تي ڏهه کان ٻارنهن منٽن تائين پچايو.

هاڻي ڪيڪ کي ٽن برابر تهن ۾ ڪٽي وٺو پوءِ پهرئين تهه ۾ ونيلا آئس ڪريم ۽ چاڪليٽ وجهو.

ٻئي تهه ۾ چاڪليٽ آئس ڪريم ۽ بنٽيز وجهو.

هاڻي ان جي مٿان ڪوڪيز، ڳريل مکڻ ۽ بنٽي وجهو ۽ سڄي رات ڄمڻ لاءِ فريزر ۾ رکو.

اهڙي ريت اوهان جو آئيس ڪريم ڪيڪ تيار ٿي ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.