گھر ۾ پاپ ڪارن تيار ڪرڻ جو سولو طريقو ۽ ان جا حيران ڪندڙ فائدا

پاپ ڪارن هڪ اهڙي هلڪي ڦلڪي غذا آهي جنهن کي ٻار ۽ وڏا سڀ شوق سان کائيندا آهن، پاپ ڪارن نهايت سولائيءَ سان تيار ٿي ويندا آهن پر گھٽ ماڻهو ان جي فائدي بابت صحيح ڄاڻين ٿا.

پاپ ڪارن هڪ قديم غذا آهي جنهن جي استعمال سان صحت تي ڪيترائي هاڪاري اثر پونداآهن ان ۾ وٽامنز، منرلز ۽ ڊائيٽري فائبر جهڙا اهم غذائي جذا موجود آهن.

ان کان سواءِ پاپ ڪارن ۾ پوٽاشيم، زنڪ، ڪاپر ۽ فاسفورس به چڱي مقدار ۾ موجود آهن، اينٽي آڪسيڊنٽس سان ڀرپور اها غذا ڪيلوريز ۽ فيٽ ۾ گھٽ هجڻ سان گڏ کنڊ ۽ سوڊيم کانپاڪ آهي.

آمريڪن ڊائبٽڪ سوسائٽي موجب پاپ ڪارن جو استعمال خطرناڪ خاموش بيماري شگر ۽ دل جي مرضن کان تحفظ ۾ مدد فراهم ڪري ٿو.

پاپ ڪارن ۾ موجود اينٽي آڪسيڊنٽس دل بابت مرضن، وڌندڙ عمر جي عارضن جهڙوڪ ڊيمينشيا، الزائمر، نظر جي ڪمزوري، وارن جو ڇڻڻ وغيره ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا آهن.

تحقيق موجب پاپ ڪارن ۾ ڀاڄين ۽ ميون کان وڌيڪ اينٽي آڪسيڊنٽس موجود هوندا آهن ۽ اهي جسم ۾ دفاعي صلاحيت کي وڌائيندا آهن.

پنير پاپ ڪارن تيار ڪرڻ لاءِ هڪ پين ۾ مکڻ گرم ڪيو ۽ ان ۾ ضرورت موجب پاپ ڪارن تيار ڪيو، جيئن ئي پاپ ڪارن تيار ٿي وڃن انهن کي چلهي تان هيٺ لاهي چيڊر چيز گڏايو ۽ مزيدار صحت بخش پاپ ڪارن مان مزو وٺو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.