رڌڻي ۾ پيل مصالحن کي گھم کان ڪيئن بچائجي؟

پاڪستان ۾ برسات جي موسم شروع ٿي چڪي آهي ۽ موسميات کاتي طرفان ڪراچي سوڌو سڄي ملڪ ۾ برساتن جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي، اهڙي صورتحال ۾ احتياطي تدبيرون اپنائڻ ضروري آهي.

اڪثر برسات جي موسم ۾ جيتوڻيڪ هوا ۾ گھم گھڻي هوندي آهي، ان ڪري گھر ۾ موجود کاڌن جي شين ۾ گھم اچي ويندي آهي، ڪجهه عورتون ان موسم ۾ ڪچن ڪچن ۾ رکي مصالحن جي خراب ٿيڻ سبب پريشان هونديون آهن ڇو جو اهي گھمجي ويندا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ انهن جو ذائقو خراب ٿي ويندو آهي ۽ ڪجهه ڏينهن ۾ اهي استعمال جوڳا ناهن رهندا.

۽ ڪجهه مصالحن ۾ گھم سبب جيت پئجي ويندا آهن، اچو ته ڄاڻيون ٿا ته کنڊ ۽ مصالحن کي گھم کان ڪيئن بچائجي.

ڊراءِ اسٽوريج ڪنٽينرز:

مصالحن ۽ کنڊ جي معيار کي برقرار رکڻ لاءِ انهن کي مناسب اسٽوريج ڪنٽينرز ۾ منتقل ڪرڻ گھڻو ضروري آهي، ڪوشش ڪريو ته مون سون کانسواءِ به مصالحن ۽ کنڊ، پتي کي محفوظ ڍڪڻ وارن ايئر ٽائٽ شيشي يا پلاسٽڪ جي دٻن ۾ رکو، شيشا جا دٻا يا ڪنٽينرز خاص طور تي اثرائتا آهن ڇو جو اهي گھم جي خلاف بهترين رنڊڪ فراهم ڪندا آهن.

گھم وارن هنڌن کان پري رکو:

پنهنجي بورچي خاني جي اهڙن هنڌن جي نشاندهي ڪريو جتي وڌيڪ گھم اچڻ جو خطرو هوندو آهي، جهڙوڪ دريون، سِنڪ يا چُلهي وٽ.

انهن کي سج جي روشني کان پري رکو.

هر مصالحي لاءِ ڌار چمچو استعمال ڪريو:

کاڌو بچائڻ وقت ڪجهه عورتن جي ڌيان ۾ ناهي رهندو ته هو ٻوڙ ۾ جيڪو چمچو لوڻ وجهڻ لاءِ استعمال ڪنديون آهن اهو ئي هيڊ، ڌاڻن يا ڪارن مرچن جي جار ۾ وجهي ڇڏينديون آهن، ان سان به مصالحا خراب ٿي سگھن ٿا.

سِليڪا جيل پيڪ:

گھڻو ڪري اسان سليڪا جيل جي پيڪ کي اُڇلي ڇڏيندا آهيون ڇو جو انهن جو گھڻو استعمال ناهي ٿيندو پر، جڏهن کنڊ ۽ مصالحن جي ٿانون ۾ گھم جذب ڪرڻ جي ڳالهه اچي ته سليڪا جيل پيڪ گھڻا فائديمند هوندا آهن.

اهي خشڪي کي برقرار رکڻ ۾ مدد ڪندا آهن، بس ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ته سليڪا جيل پيڪ کي وقت سر تبديل ڪيو وڃي ته جيئن انهن جي تاثير کي يقيني بڻائي سگھجي.

روز جي بنياد تي چيڪ ڪريو ۽ ڊٻن ۾ گھٽ مقدار ۾ مصالحا رکو:

گھڻيو عورتون مصالحا دٻن ۾ وجهي وساري ڇڏينديون آهن، جيتوڻيڪ انهن جو استعمال روز ٿيندو رهندو آهي پر پوءِ به گھڻي مقدار ۾ مصالحا جار ۾ وڌا ويندا آهن، ڪوشش ڪريو ته ايترو مصالحو يا کنڊ دٻي ۾ وجهو جيڪو هڪ هفتو هلي وڃي.

۽ روز جي بنياد تي ان کي ڏسو، جيڪڏهن اُهي خراب ٿيڻ لڳن يا گھمجڻ لڳن ته ان حصي کي اُڇلي ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.