شاهد آفريدي ۽ سنيل شيٽي جي ملاقات جي وڊيو وائرل

 

نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي جي بالي ووڊ سپر اسٽار سنيل شيٽي سان ملاقات جي وڊيو وائرل ٿي وئي.

شاهد آفريدي ۽ سنيل شيٽي جي ملاقات آمريڪا ۾ ٿي، جتي هو هڪ ريسٽورنٽ ۾ موجود هئا.

شاهد آفريدي سنيل شيٽي کي چيو ته توهان کي ٽي وي تي ڏٺو آهي، اڳوڻي ڪپتان سنيل شيٽي سان پنهنجي ڌيئرن جي ملاقات به ڪرائي.

سوشل ميڊيا تي ٻنهي جي ملاقات جي وڊيو وائرل ٿي وئي آهي، جنهن تي ماڻهو خوبصورت تبصرا ڪري رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.