سني ديول جي فلم ”غدر 2“ هلائيندڙ سينيما تي بمن سان حملو

بهار (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست بهار جي شهر پٽنا جي هڪ سينيما هال تي بمن سان حملو ڪيو ويو آهي ۽ ان ۾ سني ديول جي بلاڪ بسٽر فلم ”غدر 2“ جي اسڪريننگ جاري هئي.

ميڊيا رپورٽ موجب شرپسندن سينيما هال جي ٻاهران گوڙ ڪيو ۽ ٻه ننڍا بم اڇليا جنهن سبب ڪو به نقصان نه ٿيو.

پوليس ذريعن موجب سينيما جي ٻاهران هنگامو ڪندڙن مان ٻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ انهن کان جاچ جاري آهي.

ٿيٽر هال جي مالڪ سمن سنها واقعي جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته شرپسندن ”غدر 2“ جي ٽڪيٽ بليڪ ۾ وڪرو ڪرڻ لاءِ سينيما انتظاميا تي دٻاءُ وڌو هو.

هن چيو ته گھٽ شدت جي بمن سبب ڪو به نقصان ناهي ٿيو ۽ شرپسندن کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.