قرباني جي گوشت جو گھڻو استعمال، ماهرن خبردار ڪري ڇڏيو

صحت بابت پيچيده مسئلن کان بچڻ لاءِ قرباني جي گوشت جو متوازن استعمال شهرين لاءِ حد کان وڌيڪ ضروري آهي. صحت بابت مسئلن ۾ خوراڪ مان پيدا ٿيندڙ بيماري (ايف بي ڊي) به شامل آهن، ايف بي ڊي بيماري جو آلوده غذا يا شربتن سبب ٿيندي آهي، اهڙن گدلن کاڌن ۾ ڪچو گوشت ۽ خراب غذا شامل آهن.

اهڙن خيالن جو اظهار آغا خان يونيورسٽي جي پروفيسر آف ميڊيسن ڊاڪٽر ايس ايم وسيم جعفري هڪ آگاهي سينيمار ۾ ليڪچر دوران ڪيو.

پروفيسر وسيم جعفري جو چوڻ هو ته اوقارا اچڻ، پيٽ ۾ سور، اُلٽي اچڻ، بخار، ٿَڪُ، چيلهه يا سنڌن جو سور ايف بي ڊي بيماري جون علامتون آهن.

هن چيو ته ان مرض ۾ گھڻيون بيماريون شامل آهن جيڪي دنيا ۾ عام صحت جو هڪ وڌندر مسئلو آهي جيڪو موتمار به ٿي سگھي ٿو. ان جي ڪري ڪالرا، هيپاٽائٽس اي، ٽاءِفائيڊ فوير جهڙا پيچيدهه مرض پيدا ٿيندا آهن. ايف بي ڊي بيماري کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويندو آهي هڪ ايف بي ڊي انفيڪشن ۽ ٻيو ايف بي ڊي انٽوڪسي ڪيشن آهي.

هن چيو ته خوراڪ مان پيدا ٿيندڙ بيماري جي روڪٿام ۾ صفائي جو ڪردار گھڻو اهم آهي. ڪجهه اهم احتياطي قدمن سان خوراڪ مان پيدا ٿيندڙ بيماري جي روڪٿام ممڪن آهي جن ۾ هٿ ۽ سطحن کي گھڻو ڌوئڻ، کاڌو ڌار پچائڻ، پچائيندي وقت خاص گرمي پد جو خيال رکڻ، فوري طور تي فرج ۾ رکڻ ۽ ذاتي صحت جو خيال رکڻ شامل آهن.

سندس چوڻ هو ته شهرين لاءِ ضروري آهي ته هو عيد جي موقعي تي متوازن غذا جو استمال ڪن ته جيئن صحت بابت مرضن کان بچي سگھجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.