پاڪ – افغان ون ڊي سيريز، شوقينن لاءِ وڏي خبر اچي وئي

 

ڪابل (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ ون ڊي سيريز جي ميچن دوران شوقينن جي مفت داخلا جو اعلان ڪيو ويو آهي.

سيريز جي ميزبان افغانستان ڪرڪيٽ بورڊ شوقينن لاءِ فري انٽري جو اعلان ڪيو آهي.

پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ سريلنڪا ۾ ٽن ميچن جي سيريز کيڏي ويندي ۽ ٽنهي ميچن ۾ شوقين بنا ٽڪيٽ جي اسٽيڊيم وڃي ميچ ڏسي سگهندا.

پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ پهرين ون ڊي ميچ 22 آگسٽ، ٻي 24 ۽ ٽين 26 آگسٽ تي ٿيندي، ميچون همبنٽوٽا ۽ ڪولمبو ۾ شيڊيول آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.