ڪاجو ڪيئن تيار ڪيا ويندا آهن؟

ڪاجو هڪ اهڙو خشڪ ميوو آهي جنهن کي تقريبن دنيا جو هر شخص گھڻي شوق سان کائڻ پسند ڪندو آهي، اهو اڇو ميوو نمڪين کاڌن ۾ ذائقو وڌائڻ جي طور تي به استعمال ڪيو ويندو آهي.

اهو مزيدار خشڪ ميوو وڻن تي ائين ئي تيار ناهي ٿيندو جيئن اسان ان کي بازار مان خريد ڪري کائيندا آهيون ان لاءِ ان کي مختلف مرحلن مان گذاريو ويندو آهي.

سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل وڊيو ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته ڪاجو کي ڪهڙن مرحلن مان گذاري تيار ڪيو ويندو آهي.ڄاڻايل وڊيو انسٽاگرام واهپيدارن کي حيران ڪري ڇڏيو.

ڀارتي فوڊ بلاگر سلوني بوٿرا پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي هڪ وڊيو پوسٽ ڪئي آهي جنهن ۾ آسام رياست ۾ ڪاجو پروسيسنگ پلانٽ ڏيکاريو ويو آهي. وڊيو ۾ ڏسي سگھجي ٿو ته سڀ کان پهريان ڪاجو کي سج جي روشني ۾ ڪجهه ڏينهن تائين رکيو ويندو آهي ته جيئن اُهي سُڪي وڃن.

پوءِ ان ميوي کي ان جي خول کان ڌار ڪيو ويندو آهي جنهن کان پوءِ انهن ڪاجوز کي مشين ذريعي صاف ڪري انهن جي سائز موجب ڌار ڌار ڪيو ويندو آهي. آخري مرحلي ۾ ڪاجو کي ڀڃڻ لاءِ وڏي ٽري ۾ تنور ۾ رکيو ويندو آهي ۽ پوءِ ان کي پيڪ ڪري بازارن ۾ وڪري لاءِ روانو ڪيو ويندو آهي.

اها وڊيو انسٽاگرام تي پوسٽ ٿيندي ئي وائرل ٿي وئي ۽ 57 ملين کان وڌيڪ ماڻهن ان کي پسند ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.