مهمانن لاءِ 24 ئي ڪلاڪ پنهنجي گهر جا دَر کليل رکندڙ عورت

 

مهمان الله جي رحمت هوندا آهن ۽ هڪ سعودي عورت پنهنجي گهر جا دَر 24 ڪلاڪ مهمانن لاءِ کليل رکندي آهي.

سڄي دنيا ۾ مهمان نوازي کي هڪ اعليٰ انساني وصف سمجهيو ويندو آهي، وڏي دل وارا ماڻهو سدائين مهمانن جي آجيان ڪندا آهن، انهن ۾ هڪ سعودي جي پيرسن عورت ام صالح به شامل آهي، جيڪا پنهنجي گهر جا دَر 24 ئي ڪلاڪ مهمانن لاءِ کليل رکندي آهي.

پرڏيهي ميڊيا موجب اها مهمان نواز عورت سعودي عرب جي قصيم ريجن جي علائقي بريده الخضرا پاڙي ۾ رهندي آهي، جتي ڪو به مهمان ڪنهن به وقت وڃي ته ان جي آجيان ڪئي ويندي آهي ۽ ان کي ڀرپور نموني کاڌو پيتو فراهم ڪيو ويندو آهي.

مهمانن سان عقيدت رکندڙ 60 ورهين جي ام صالح چئي ٿي ته هوءَ ورهين کان ان ئي علائقي ۾ رهي ٿي ۽ ننڍپڻ کان وٺي هيل تائين اهڙو ڪو ڏينهن ناهي گذريو، جنهن ڏينهن هن ڪنهن جي مهمان نوازي نه ڪئي هجي.

سندس موجب مان 35 ورهين کان پنهنجي مهمان خاني جو دَر بند ناهي ڪيو، نيرن کان وٺي رات جي ماني تائين مهمانن جي آجيان ڪندي آهيان.

مهمان نواز عورت ٻڌائي ٿي ته گهر ڀاتي روز جي بنياد تي مهمانن جي خدمت لاءِ روايتي کاڌن بابت صلاح مشورو ڪندا آهن، جنهن کانپوءِ گهر جو هر فرد تياري ۾ لڳي ويندو آهي.

ام صالح پنهنجي پاڙي کي پنهنجو فخر قرار ڏيندي چيو ته ”الخضرا“ جو پنهنجو شان آهي ۽ جيڪو به هتي هڪ ڀيرو ايندو آهي، ٻيهر هتان جو پاڻي پيئڻ ضرور ايندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.