خارڪ جو مزيدار ڪيڪ تيار ڪرڻ جي ترڪيب

هونئن ته عيد جو تصور سَئِين کانسواءِ ڪري ئي نٿو سگھجي پر گھڻا ماڻهو سيون کائڻ پسند ناهن ڪندا ۽ عيد تي ڪجهه ٻيو کائڻ جو ارادو ڪندا آهن.

هر ڀيري روايتي پڪوان ذهن ۾ ايندا آهن پر هر ڪنهن جي دل ڪجهه نئون کائڻ جو چوندي آهي.

اوهان سڄو رمضان خارڪ جو استعمال افطاري دوران ته ڪيو هوندو پر جيڪڏهن اسان اوهان کي اهو چئون ته عيد جي موقعي تي به خارڪ جو استعمال ڪندي مٺو پڪوان تيار ڪريو ته اوهان جو ڇا خيال آهي؟

خارڪ جو استعمال مسلمان ملڪن سوڌو غير مسلم ملڪن ۾ به ٿيندو آهي، جڏهن ته مسلمان ان کي سنت نبوي صه جي طور تي به استعمال ڪندا آهن.

۽ هتي اسان اوهان کي خارڪ جو ڪيڪ تيار ڪرڻ سيکارينداسين، اهو ڪيڪ تيار ڪرڻ سولو آهي، جڏهن ته ان جي ذائقي جو ڪو به مثال ناهي.

جُز

خارڪ-400 گرام (ککڙيون ڪڍي ڇڏيو)

کير-2 ڪوپ

بيڪنگ سوڊا-کائڻ جا ٻه چمچا

مکڻ 1/5 ڪوپ

کنڊ-2 ڪوپ (يا ذائقي موجب)

بيضا-4 عدد

ڪڻڪ جو اٽو-کائڻ جا ٻه چمچا

ونيلا پائوڊر-کائڻ جا ٻه چمچا

پاڻي-2 کان 3 ڪوپ

تيار ڪرڻ جي ترڪيب

خارڪن کي کير ۽ پاڻي سان گڏ هڪ ٿانو ۾ اٻارڻ کان پوءِ 3منٽن تائين پچايو.

پوءِ چلهو بند ڪري ڇڏيو ۽ ان ۾ بيڪنگ سوڊا گڏايو.

هڪ ٻئي ٿانو ۾ مکڻ، کنڊ ۽ بيضن کي گڏائي کان پوءِ چلهي تي پچايو.

پوءِ مکڻ، کنڊ ۽ بيضن سان گڏ اٽي ۽ ونيلا پائوڊر کي به مڪس ڪريو ۽ باهه هلڪي ڪري ڪجهه دير تائين پچڻ ڏيو.

آخر ۾ پڪل خارڪن سان سڀني شين کي مڪس ڪري بيڪنگ پين ۾ وجهي 35 کان 40 منٽن تائين بيڪ ڪريو.

بيڪ ٿيڻ کان پوءِ ڪيڪ کي ڊراءِ فروٽس سان سجائي ۽ ٿڌو ڪري سروو ڪريو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.